سنڌ ۾ فنڊن باوجود ترقي نه ٿي، بلاول خلاف ٽربيونل ۾ ناهيون ويا: راڻا مشهود

ڪراچي (رپورٽر) نواز ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا مشهود ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  اسان عوام ۽ جمهوريت تي يقين رکون ٿا ان ڪري بلاول جي خلاف ٽربيونل ۾ ناهيون ويا، هن چيو ته لاهور نواز ليگ جو آهي ۽ رهندو، ڪراچي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ۽  ٽرنسپورٽ جو معاملو حل ناهي ڪيو ويو، ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف جو عزم آهي ته گڏجي ملڪ  لاءِ ڪم ڪيو ويندو، سنڌ جي ترقي لاءِ اربين رپيا مليا پر سنڌ۾ ترقي نظر ناهي آئي، نواز ليگ هڪ مڪمل پلان سان گڏ سنڌ ۾ اچي رهي آهي، سنڌ کي ترقي اسان وٺرائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.