اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽر ميان رضا رباني چيو آهي ته هيءَ هڪ افسوس جوڳي ڳالهه آهي جو سينيٽ مان اليڪشن ملتوي ٿيڻ جو ٺهراءُ آيو. سپريم ڪورٽ کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته سينيٽ مان اليڪشن جي ملتوي ٿيڻ جو ٺهراءُ اچڻ سٺي ڳالهه ناهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿين. هن چيو ته پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته عام چونڊن کي دير نه ٿئي.
بيگناهه جيل ۾ رکيو ويو آهي: حليم عادل شيخ جو عدالت ۾ بيان
ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ احتجاج واري ڪيس ۾ حليم عادل شيخ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، حليم عادل شيخ جج کي چيو ته مان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، اجازت وڃي، جنهن تي جج چيو ته اوهان ڇا ڳالهائڻ چاهيو ٿا،حليم عادل شيخ چيو ته مون کي چئن مهينن کان جيل ۾ رکيو ويو آهي، مون کي پارٽي نه ڇڏڻ جي سزا ڏني پئي وڃي،عدالت چيو ته اوهان وي آءِ پي آهيو، اوهان سان وي آءِ پي وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عمران خان کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ڪاپي فراهم
راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪئي وئي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب مظفر عباسي، امجد پرويز، اسپيشل پراسيڪيوٽرز عرفان ڀولا، سهيل عارف ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، پي ٽي آءِ وڪيل شعيب شاهين ۽ بئريسٽر عمير نيازي به عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت بشري بي بي هڪ ڏينهن جي حاضري کان شوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي، شعيب شاهين ايڊووڪيٽ پاران حامي ڀرڻ تي پي ٽي آءِ باني صيحيون ڪيون. بشري بي بي موجود نه هجڻ سبب توشا خانا ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي، عدالت ٻڌڻي اڄ اڱاري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪندي بشري بي بي کي حاضري تي اچڻ جي هدات ڪئي آهي.
لاهور ۾ ماسترياڻي تي تيزاب حملو، ناري دڪان تان ٽپو ڏئي ڇڏيو
لاهور (م ڊ) لاهور ۾ هڪ عورت تي تيزاب سان حملو ڪيو ويو، جڏهن ته ڇوڪري ڪافي شاپ جي مٿئين منزل تان ٽپو ڏئي ڇڏيو، شاهدره ٽائون ۾ تيزاب گردي جو واقعو پيش آيو، جتي رشتي کان انڪار تي عورت اسڪول ٽيچر مٿان تيزاب اڇلايو ويو، 2 موٽرسائيڪل سوار جوابدارن رشتي کان انڪار تي اسڪول ٽيچر تي تيزاب اڇلايو، پوليس جو چوڻ آهي ته تيزاب لڳڻ سبب اسڪول ٽيچر عائشه جو چهرو سڙيو آهي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب جوابدار کي سيالڪوٽ ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار متاثر ڇوڪري عائشه کي پسند ڪندو هو.
کدڙي فقير ناياب علي جي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل تي فيصلو محفوظ
لاهور (م ڊ) اليڪشن اپيليٽ ٽربيونل کدڙي فقير ناياب علي جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل تي فيصلو حفوظ ڪري ورتو. هڪ ٻئي کدڙي فقير نديم مظفر نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ خلاف اپيل داخل ڪئي. اليڪشن اپيليٽ ٽربيونل جي جسٽس ارباب محمد طاهر اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي معاونن جو چوڻ هو ته پاڪستان جو آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ کدڙن فقيرن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان نٿو روڪي، کدڙا فقير چونڊن ۾ حصو وٺڻ جا اهل آهن، آئين تحت جنس جي بنياد تي ڪو به امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو، شريعت عدالت لاڳو ناهي ڪئي. اليڪشن ۾ ٽرانسجينڊز جي شموليت تي ڪا به پابندي ناهي. جسٽس ارباب طاهر چيو ته هي بنيادي انساني حقن جو ڪيس آهي، اليڪشن وڙهڻ هر ڪنهن جو حق آهي. ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اليڪشن اپيليٽ ٽربيونل فيصلو محفوظ ڪري ورتو.