ڪراچي (رپورٽر) نواز ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا مشهود ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان عوام ۽ جمهوريت تي يقين رکون ٿا ان ڪري بلاول جي خلاف ٽربيونل ۾ ناهيون ويا، هن چيو ته لاهور نواز ليگ جو آهي ۽ رهندو، ڪراچي ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ٽرنسپورٽ جو معاملو حل ناهي ڪيو ويو، ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف جو عزم آهي ته گڏجي ملڪ لاءِ ڪم ڪيو ويندو، سنڌ جي ترقي لاءِ اربين رپيا مليا پر سنڌ۾ ترقي نظر ناهي آئي، نواز ليگ هڪ مڪمل پلان سان گڏ سنڌ ۾ اچي رهي آهي، سنڌ کي ترقي اسان وٺرائينداسين.