باجوڙ(م ڊ) باجوڙ ۾ پوليس ٽرڪ ويجهو ڌماڪو، 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته 27 زخمي ٿي پيا آهن. باجوڙ جي تعلقي ماموند ۾ پوليس ٽرڪ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته عام ماڻهن سميت 27 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پوليس موجب ڌماڪو ماموند تعلقي جي علائقي بيلوٽ فرش پوليس گاڏي جي ويجهو ٿيو. پوليس اهلڪار پوليو مهم جي سڪيورٽي لاءِ وڃي رهيا هئا ته ڌماڪو ٿيو، لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. علائقي کي گهيري ۾ آڻي دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي ڳولا جي لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو. ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ميڊيا ذريعن موجب تحريڪ طالبان پاڪستان واقعي جي ذميواري قبولي ورتي آهي.