سنڌ اينگرو ڪول ڪمپني پاران 3 ارب سالياني منافعي جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آھي تھ ٿر ڪول ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري ٿو، پرڏيهي مٽاسٽا  جي بچت ٿيندي ۽ سنڌ حڪومت کي ٿر ڪول مان 1.5 ارب رپين جي منافعي واري رقم ادا ڪئي ويندي . نگران وڏي وزير چيو تھ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني اڄ 3 ارب جي سالياني منافعي جو اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني 3 ارب رپين جي منافعي مان سنڌ حڪومت کي 1.5 بلين رپيا ادا ڪندي. ھن چيو تھ  سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني هن وقت تائين سنڌ حڪومت کي 4.11 بلين رپيا منافعو ادا ڪري چڪي آهي، جڏھن تھ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ءَ هڪ سال دوران سنڌ حڪومت کي 11.9 ارب رپيا رائلٽي طور ادا ڪيا آهن.ھن چيو تھ ٿر جو ڪوئلو سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي، ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري سگھجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.