ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سکر ۽ لاڙڪاڻي رينج ۾ اغوا وارن واقعن جو نوٽيس ورتو. نگران وڏي وزير جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير اغوا وارين وڌندڙ واقعن تي آءِ سنڌ جي کي فون ڪري صورتحال معلوم ڪئي. ان موقعي تي نگران وڏي وزير پاران انسپيڪٽر جنرل سنڌ کي ھدايتون ڏيندي چيو تھ جنهن ضلعي مان شھري اغوا ٿي رهيا آهن، انهن پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. نگران وڏي وزير چيو تھ سندن علائقن مان ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي ته پوءِ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ڇا ڪري رهيا آهن. نگران وڏي وزير ھدايت ڪئي تھ سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن مان اغوا جي واقعن واري تسلسل کي هر قيمت تي بند ڪيو وڃي ۽ پوليس اغوا ٿيلن جي وارثن سان سهڪار ڪري ۽ رابطي ۾ رهي. ھن چيو تھ عام چونڊن کان اڳ سموري صوبي ۾ بهترين امن امان چاهيان ٿو ته جيئن چونڊون پر امن ماحول ۾ ٿي سگهن. نگران وڏي وزير آءِ جي کي ھدايت ڪئي تھ اغوا ٿيل مغوين کي فوري طور تي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.