ڪافي عرصي کان ھڪ اھم معاملو سنڌ جي شعور جي ذھن تي گردش پيو ڪري سو اھو ته سنڌي ادبي بورڊ جو نشان (لوگو) ڪتابن ۽ اداري مان ھٽايو ويو آھي سنڌي ادبي بورڊ جو لوگو جيڪو دنيا جي قديم تھذيب موھن جو دڙو مان لڌل ڍڳي وارو نشان آھي سنڌ جي قديم جاگرافي تھذيب ثقافت ۽ تاريخ جو اھڃاڻ آھي ھتي ھڪ سوال آھي ته آخر ان نشان (لوگو) ھٽائڻ مان ادبي بورڊ ڇا ٿو ثابت ڪرڻ چاھي؟
سنڌ جي معدني وسيلن نوڪرين ڪاروباري مرڪزن شھري زمينن ٻولي تعليم ۽ تاريخي جاين تي ان حڪمران سرمائيدار طبقي جي ھڪ ھٽي قائم آھي پر سنڌ جي قديم تاريخ تھذيب ۽ تمدن سان لاڳاپيل قومن جي سڃاڻپ جي قومي اھڃاڻن تي پڻ پابندي! ڪھڙو مذھب ٿو چوي ته قومن جي تاريخ ثقافت تھذيب جي قومي اھڃاڻن سان ھٿ چراند ڪيو ڇا رسول ڪريم ص جن حبشه جي بادشاھ نجاشي کي لکيل خط ۾ نجاشي لکيو ته اوھان اسلام قبول ڪري پنھنجي قومي تاريخ ۽ ثقافت تان دستبردار ٿي وڃو .ادبي بورڊ جو اھڙو عمل رسول ڪريم ص جي تعليم جي پڻ نفي آھي.
دنيا جي مختلف مسلمان ملڪن جا قومي نشان پڻ جانورن جي علامتن وارا نشان ئي جنھن ۾ ڪافي مسلمان ملڪ آھن ته ڇا انھن جي ايمان تي شڪ ڪجي؟ قومن جي قديم اھم تاريخي آثارن کي ختم ڪرڻ جي لا۽ ماضي ۾ پڻ اھڙي قسم جا ڪيئي حربا ھلايا ويا آھن جنھن جا ٻه مثال ھتي پيش ڪجن ٿا
فرانسيسي فوجين ابو سمبل جي نڪ تي نشاني بازي ۾ پئي ڪئي ايئن کڻي سمجھجي ته راند روند ٻين لفظن ۾ تزليل پئي ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ ابو سمبل جي مورتي جو نڪ ڀڄي پيو جيڪو اڄ به ان ئي حالت ۾ آھي اھڙي ئي طريقي سان اسلام آباد جي گٽرن جي ڍڪڻن تي ڍڳي جو نشان ٺاھي سنڌ جي تھذيب جي تذليل ڪئي وئي.
انگريز جڏهن ھندوستان جي خوبصورت تاريخي ورثي تاج محل کي ان لا۽ ڊاھڻ پئي چاھيو ته جيئن ان ۾ لڳل قيمتي ماربل کي ٻاھر وڪرو ڪيو وڃي پر خوش قسمتي سان عالمي منڊي ۾ ماربل جو اگھه ڪري پيو ۽ نتيجي طور تاج محل ھڪ خوبصورت احساس مسماري کان بچي پيو پر سنڌ ۾ ڪارونجھر جو گرينائٽ پٿر جيڪو بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي (عدالت جي آرڊر اچڻ تائين) ڪٽي وڪرو ڪيو پيو وڃي جيڪو سنڌ جي فطري حسن تي ڪاري وار آھي .
نيل درياھ جي ٻوڏ جي خطري سبب پنھنجي قديم ابو سمبل جي مندر کي يونيسڪو کان ڪروڙين ڊالر (ان وقت جيڪي ھاڻي اربن ۾ شمار ٿيندا) خرچ ڪرائي جديد ڪرين مشينن سان اتان کڻائي ٻئي ھنڌ منتقل ڪيو اھڙي طريقي سان سنڌي قوم کي پورو اختيار ھجڻ گھرجي ته اسان پنھنجا تاريخي اھڃاڻ ساھ ۾ سانڍيون .
سوشل ميڊيا تي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين دانشورن اديبن ترقي پسند رجحان رکندڙن پاران شديد احتجاج ڪيو پيو وڃي جنھن جي اھميت کي سمجھندي بي بي س جو ادارو پڻ ان حوالي سان متحرڪ ٿيو هو. بي بي سي سال اڳ جڏھن سنڌ جي قديم ڍڳي جي نشان کي تبديل ڪندڙ ادبي بورڊ جي سربراھ سان جڏھن رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھو رابطي ۾ نه آيو جڏھن ته ٻه ڀيرا اڳ ۾ ادبي بوڊ جو نشان بورڊ جي ڪتابن تان پڻ ھٽايو ويو ھيو ۽ ھاڻي ھي ٽيون ڀيرو ھي سازش ڪئي وئي آھي ۽ ھڪ ٻي اھم ڳالهھ ته اداري ۾ پيل ڍڳي جي نشان وارا ڪتاب پڻ اداري مان گم ڪيا ويا آھن. جڏھن ته سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي سربراھ اسحاق سميجو جو موقف پڻ رڪارڊ تي آھي ته: ڍڳي جي علامت جو نشان سنڌ جو تاريخي ۽ شعوري پسمنظر آھي موھن جي دڙي جي ماڻھن ڍڳي جو نشان ان لا۽ ٺاھيو ھيو جو ڍڳو انھن لا۽ صرف جانور نه پر انھن جي لا۽ معاشرتي ۽ سماجي زندگي ۾ سڀ کان معاون ۽ مددگار ۽ دوست ھيو .
سنڌ جي باشعور ڏات ڌڻين قومپرست سياسي جماعتن وڪيلن استادن شاگردن ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل سنڌ جي شعور کي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت سان لاڳاپيل ھن اھم مسئلي تي باضابطا تحريڪ ھلائڻ گھرجي جيڪا سنڌيت جي علامت ڍڳي جي نشان جي ٻيھر بحالي تائين مسلسل عمل ۾ رھي سنڌ جي تاريخ شاھد آھي ته جنھن به فرد اداري يا گروھ سنڌ جي ثقافت تاريخ ٻولي ۽ قديم اھڃاڻن سان ھٿ چراند ڪئي آھي ان پنھنجو مستقبل اونداھي ۾ غرق ڪري ڇڏيو ان حوالي سان ڪيترائي نالا آھن جيڪي ڳڻائي سگھجن ٿا .