بنگلاديش ۾ شيخ حسينھ جي جماعت اڪثريت سان ڪامياب  

بنگلاديش ۾ آچر واري ڏينھن ٿيل چونڊن ۾ شيخ حسينھ جي جماعت کي غيرمعمولي اڪثريت ملي وئي آھي.ھاڻي ھوءَ پنجون ڀيرو ۽ مسلسل چوٿون ڀيرو ملڪ جي وزارت اعظميٰ جو عھدو سنڀاليندي.ٻئي طرف اپوزيشن جي بائيڪاٽ ۽ چونڊ ڌانڌلي جي الزامن بنگلاديش جي عام چونڊن جي ساک کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي. انساني حقن جي تنظيمن عوامي ليگ حڪومت تي سياسي مخالفن کي چٿڻ جو الزام لڳايو آهي.

بنگلاديش ۾ ٿيل تڪراري چونڊن ۾ غير معمولي اڪثريت حاصل ڪري عوامي ليگ جي اڳواڻ شيخ حسينه واجد پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي آهي. هن جي پارٽي پارليامينٽ ۾ ٽي ڀاڱي چارکان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون آهن.  وڏي اپوزيشن پارٽي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي ۽ ان جي اتحادي پارٽين  چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو، بنگلاديش اليڪشن ڪميشن جي جوائنٽ سيڪريٽري منير الزمان طلقدار چيو آهي ته ”عوامي ليگ اليڪشن کٽي آهي. مخالف ڌر ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي هڪ ڏينهن بعد شروعاتي رپورٽن موجب ووٽر ٽرن آئوٽ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو رهيو.

طلقدار موجب شيخ حسينه جي پارٽي عوامي ليگ 223 سيٽون حاصل ڪيون آهن. بهرحال تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته عوامي ليگ جي اتحادي پارٽين ۽ ٻين قانون سازن جي حمايت سان شيخ حسينه حقيقت ۾ پارليامينٽ جي 300 کان وڌيڪ سيٽن تي ڪنٽرول حاصل ڪري چڪي آهي.

شيخ حسينه تي اڳ ۾ ئي اپوزيشن بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي اڪثر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي پيماني تي گرفتاري سبب تنقيد ڪئي پئي وڃي. اپوزيشن جماعت 7 جنوري تي ”ناقص اليڪشن“ ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪندي ملڪ ۾ ٻن ڏينهن جي هڙتال جو سڏ ڏنو هو.

76  ورهين جي شيخ حسينھ پولنگ واري ڏينهن شهرين کي جمهوري عمل تي اعتماد جي اظهار جو مطالبو ڪيو ھو.آچر ڏينھن پنهنجي ڌيءَ سان گڏ ڍاڪا ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کان پوءِ حسينه واجد ميڊيا سان ڳالھائيندي ،بي اين پي کي ”دهشت گرد تنظيم“ قرار ڏنو. اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي پٽ ۽ لنڊن ۾ رهندڙ، بي اين پي جي سربراهه طارق رحمان آچر جي چونڊ نتيجن کي بنگلاديش جي جمهوري خواهشن جي توهين قرار ڏنو.

هيومن رائٽس واچ  هڪ عالمي انساني حقن جي تنظيم موجب  گذريل سال 28 آڪٽوبر تي اپوزيشن جي ھڪ ريلي کي چٿڻ لاءِ لڳ ڀڳ ڏھ ھزار ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ھو.ان وچ ۾ 16 ڪارڪن مارجي ويا ھئا.پنج ھزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا پيا ھئا.عالمي تنظيم الزام لڳايو ھو تھ چونڊن جي لاءِ اپوزيشن جي ڪارڪنن سان جيل ڀريا ويا ھئا پر عوامي ليگ انھن الزامن جي ترديد ڪئي.

حسينه واجد 2009 ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ بعد مسلسل اقتدار ۾ رھندي پئي اچي. ان کان اڳ حسينه واجد پهريون ڀيرو 1996ع ۾ ملڪ جي وزيراعظم بڻي هئي. هوءَ بنگلاديش جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين وزير اعظم رهي چڪي آهي. هن تي گذريل ٻن چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي جا الزام پڻ لڳا آھن.

78 سالن جي خالده ضياءَ کي 2018ع ۾ ڪرپشن جي الزامن ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ هاڻي بيماري سبب ھوءَ ڍاڪا جي هڪ اسپتال ۾ داخل آهي. سندس جاءِ تي سندس پٽ طارق رحمان پارٽي جي سربراهي ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.