ايندڙ چونڊن وارو وايو منڊل!

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ عام چونڊن جون سرگرميون جاري آهن۔جن به سياسي اميدوارن کي ن ليگ پ پ پ ٽڪيٽون ڏنيون آهن تن ۾ نوانوي سيڪڙو جاگيردار سردار ۽ اهي ئي وڏيرا آهن جيڪي اڪثر ڪري اسيمبلين ۾ وڃن ٿا وزارتون ۽ عهدا ماڻين ٿا يا وري ٻاهرين ملڪ هليا وڃن ٿا جن کي عام ماڻهو يا صوبي ۽ ملڪ کي ڪو به فائدو ناهي ملندو۔هن ڀيري ته سنڌ ۾ ٻنهي مک پارٽين اڪثر ڪري انهن کي پارٽين ۾ شامل ڪيو آهي يا ٽڪيٽون ڏنيون آهن جيڪي ڏوهاري ذهنيت رکن ٿا قبضه خور آهن يا وري ڪروڙن اربن روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهن ۽ اچرج جهڙو ماحول اهو ٺهيو آهي جو نامزدگي فارم به انهن جا بحال ٿيا آهن جڏهن ته مخالفن جا فارم اڪثريت سان رد ٿيا آهن۔

سنڌ ۾ ته ڪلور ٿيا آهن جنهن جو ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته رٽرننگ آفيسر جيڪي روينيو سان واڳيل ڪامورا آهن تن جون سياسي وابستگيون آهن گهڻو ڪري سياسي جاگيردارن سردارن ۽ وڏيرن جو اولاد آهي۔ملڪ ۾ جڙيل سياسي ماحول بعد اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري پاران استعيفا ڏيڻ ٿيڻ وارو فيصلو ۽ عدالتن پاران رد ٿيل نامزدگي فارمن جي بحالي کان پوءِ جي يو آءِ ۽ ن ليگ چونڊ نتيجن کان ڪافي حد تائين خوفزده آهن جنهن کي نظر ۾ رکندي سينيٽ مان چونڊن کي ملتوي ڪرائڻ وارو پاس ڪرايل ٺهراءِ به قوم کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

البته پ پ پ چونڊون شيڊول موجب ڪرائڻ جي حق ۾ آهي ۽ مطالبو به ڪيو اٿس۔پ پ پ کي اها پڪ آهي ته وفاق ملي نه ملي پر سنڌ جا جاگيردار سردار ۽ وڏيرا ته کيس ملي ويندا وري به حڪومت ۽ جاگيردارانه راڄ اهي ئي ڪندا۔جي ڊي اي جو ڪو آسرو ناهي ڪجهه سيٽون کڻن ته اها الڳ ڳالهه آهي۔ايڪڙ ٻيڪڙ ن ليگ سنڌ مان سيٽون کڻي سنڌ ۾ پنهنجو وجود ظاهر ڪندي۔  سنڌ ۾ هن ڀيري هڪ نئين ڳالهه سامهون آئي آهي ته قبيلائي اتحاد ۽ سماجي اڳواڻن به فارم ڀرايا آهن جن جو به پنهنجو ووٽ بئنڪ آهي ۽ اهو ووٽ ايترو ڪو طاقتور ناهي پر سياسي پارٽين جي ووٽ بئنڪ کي ڪنهن حد تائين نقصان ضرور پهچائيندا۔گذريل ٻوڏن ۽ عوام سان ٿيل نااصافين زيادتين جو به اثر پوندو جو اهي سخت ڪاوڙيل آهي اهي به پ پ پ اميدوارن کي ووٽ نه ڪن جنهن سان به پ پ پ جو ووٽ بئنڪ گهٽبو۔ن ليگ کي به مضبوط اميدوار ملي ناهن سگهيا تنهنڪري هن ڀيري به ن ليگ سنڌ ۾ گهڻيون سيٽون نه کڻي۔ن ليگ ۽ بشير ميمڻ لاءِ هي چونڊون پهريون تجربو ثابت ٿينديون۔

هن ڀيري سوشل ميڊيا سنڌ جي جاگيردارن نوابن سردارن ۽ وڏيرن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي خاص ڪري اهي اينڪر جيڪي پرڏيهه رهن ٿا۔جيڪي تنقيد جو نشانو بڻيل آهن تن ۾ پ پ پ سان واڳيل سردارن نوابن جو انگ ڪجهه وڌيڪ آهي پر نٿو لڳي ته اهڙي تنقيد جو ڪو خاص اثر پوي تر جا ماڻهو ۽ قبيلي جا ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن پنهنجي نوابن ۽ سردارن کان پري نه ويندا هونئن به چونڊون هنن جي ئي راند رهندي آئي آهي۔ها نوجوان طبقو ٿي سگهي ته نوابن ۽ سردارن کان نفرت جو اظهار ڪن جيڪي سندن تشدد ۽ زيادتين جو نشان بڻيا آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.