سانا ڪانفرنس ۽ چونڊ مهم

تحرير: علي رضا نوناري

هن وقت ملڪ جي سراسري عمر 76 سال ٿي چڪي آهي پر ان 76 سالن ۾ نه ته اسان جي تعليم بهتر ٿي سگھي نه ئي صحت جون سهولتون مهيا ٿي سگهيون. روزگار ۽ ترقي ته وري هڪ خواب مثل آهن جيڪو مان سمجهان ٿو ته جاڳ ۾ ته ڪڏھن پورو نه ٿيندو. اهي منهنجون لکيل ڳالھيون گذريل ڏينھن سانا ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر قيصر بنگالي، به پنهنجي ڪيل خطاب ۾ ڪري ويو آهي پر اڄ ان کان به هڪ سوال آهي ته ڊاڪٽر قيصر بنگالي توهان به ته سنڌ جي اهم وزارت خزاني جا مشير رهي چڪا آهيو ته پوءِ توهان پنهنجي دور ۾ به اهي بنيادي مسئلا حل ڇو نه ڪيا؟ توهان به ڪرپٽ سسٽم ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيا آهيو، توهان به سنڌي ماڻهن جي بنيادي حقن تي سوديبازي ڪري چڪا آهيو هاڻي توهان جون سانا ڪانفرنس ۾ ڪيل ڳالھيون ته ڀليون ٿيون، سنڌ 20 سال پوئتي هلي وئي آهي،اها نصير ميمڻ جي ڳالهھ ڀلي، پيرن ۽ جاگيردارن مان جان ڇڏائڻ لاءِ بغاوت ڪرڻ واري ڳالهھ به ڀلي. پر توهان تي اعتماد نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته اوهين به ڪٿي نه ڪٿي انهيءَ سموري سسٽم جو حصو رهيا آهيو. خير توهان ته ننڍڙا عهدا رکي گذري آيا آهيو پر هن ملڪ جي وڏن عهدن تي رهندڙ سياستدانن به ڪا گهٽ ڪونه ڪئي آهي ملڪ جو ريلوي نظام ڏسو، پي آءِ اي، واپڊا، ايريگيشن نظام، اسٽيل مل کان ويندي بلديات کاتي سميت گئس لوڊشيڊنگ تائين سموري تباھي سياستدانن ئي ڪئي آهي.

انهن سمورن کاتن جي نظام کي انگريز سرڪار پنهنجي سهولت لاءِ ٺاهيو ان ته انهن مان فائدو ورتو ئي ورتو پر اسان به ان نظام مان 50 سال مستفيد ٿياسين. پر گذريل ٻن ڏهاڪن کان اسين اتي اچي پهتا آهيون جو ان سموري نظام کي بچائي به نه پيا سگهون. ان جو سبب به صرف ۽ صرف ڪرپشن ڪرڻ ۽ سچائي جو نه هجڻ آهي. هن ملڪ ۾ طاقتور ڌرين سان گڏ بيوروڪريسي به ڪرپٽ آهي. ڇا توهان ڪرپشن نه پيا ڏسو.؟ ڇا توهان برسات متاثرين جون دانھون نه پيا ٻڌو؟

سانا ڪانفرنس ۾ تعليم جي مالڪي جي ڳالهھ به ڪئي وئي ته ان تي آئون اهو چوندس ته اوهين ڪڏھن به سنڌ جي تعليم بچائي نٿا سگهو. ان جو سبب به ساڳيو آهي جيڪو آئون مٿي لکي آيو آهيان. ٻه مهينا اڳ سنڌ جو نگران وزيراعليٰ رٽائر جسٽس محمد باقر ڪراچي جي اسڪولن اندر وزٽ دوران تعليم جي معاملي تي وڏا اعلان ڪندي فخر محسوس ڪري رهيو هو ته سندس ڀر ۾ بيٺل ٻارڙن مان ڪنهن آواز ڏنس ته سر اسان کي ته پڙهڻ لاءِ نصابي ڪتاب به نه مليا آهن جنهن تي وزيراعليٰ رٽائر جسٽس محمد باقر چيو اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي، ان تي اسڪول انتظاميا چيو ته سر اها ٻارڙن جي ڳالهھ درست آهي جنهن کانپوءِ پاڻ تقريب ڇڏي فورن ادبي بورڊ ڪراچي هليا ويا اتي سخت پڇاڻي بعد جواب مليس ته سر بجيٽ نه پئي ملي ڪتاب ڪيئن ڇپرائجن ان تي وزيراعليٰ سنڌ رٽائر جسٽس محمد باقر مٿي تي هٿ ڏئي چيو ته اسين ته اسڪولن ۾ مستقبل جي معمارن کي آٿت ڏئي تعليم جي واڌاري جا وڏا اعلان ڪيا پر هتي ته ڪم ئي لٿو پيو آهي.

مونکي ياد آهي ته وزيراعلي سنڌ رٽائر جسٽس محمد باقر جون اکيون اشڪبار ٿي ويون. هاڻي ٻڌايو جتي طاقتور ذميوار ڌريون ئي بيوسيءَ ۾ ڳوڙھا ڳاڙي ويهي رهن اتي اسين ڪيئن ٿا تعليم کي بچائڻ جو ڳالھيون ڪري سگهون. مطلب ته تعليم بچايون ته ڪيئن بچايون سچ پڇو ته جنوري 2024ع اچي بيٺو آهي پر اڄ به سنڌ جي اسڪولن اندر ننڍڙن ٻارن کي پڙهڻ لاءِ نصاب نه ملي سگهيو آهي. ان جو ذميوار ڪير آهي؟ هن وقت اچي اليڪشن ويجهو پهتي آهي ۽ ملڪ اندر ايتري تباھي هئڻ باوجود سڀ ذميوار هڪ دفعو وري ڊاڙون هڻندي ورڪ مهم ۾ لٿل آهن مجال جو ڪو انھن کان پڇي ته آيا هن هيتري ساري تباھي جو ذميوار آخر ڪير آهي.؟ اسين صرف شعلا انگيز تقريرون ٻڌي تاڙين وڄائڻ ۾ پورا آهيون. هڪڙو اچي چوي ٿو ته سنڌ ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي ٻيو وري چوي ٿو ته لاهور ڪنهن ڪاروباري ماڻھن يا رڳي رانديگرن جو شهر ناهي.

پر اسين چئون ٿا ته هي ملڪ ئي توهان جو آهي رڳو خدارا ان کي پنهنجو سمجهي ان جي خدمت سان گڏ بي پهچ مسڪين ماڻھن جي مالڪي ڪريو. هي سڀ ڪجهھ توهان جو آهي اسين به توهان جا آهيون جنهن جو ثبوت آهن هي گونجندڙ نعرا جيڪي اوهان جي تقريرن دوران پنڊالن ۾ لڳي رهيا آهن.

گذريل ڏينھن سانا ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر قيصر بنگالي، به پنهنجي ڪيل خطاب ۾ ڪري ويو آهي پر اڄ ان کان به هڪ سوال آهي ته ڊاڪٽر قيصر بنگالي توهان به ته سنڌ جي اهم وزارت خزاني جا مشير رهي چڪا آهيو ته پوءِ توهان پنهنجي دور ۾ به اهي بنيادي مسئلا حل ڇو نه ڪيا؟ توهان به ڪرپٽ سسٽم ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيا آهيو، توهان به سنڌي ماڻهن جي بنيادي حقن تي سوديبازي ڪري چڪا آهيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.