سنڌ جي عالمن، معاشي ماھرن، تعليم دانن ۽ سماج سڌارڪن، سنڌ ۾ سست سماجي اوسر، تعليم، صحت، قانون جي لتاڙ، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ غريب جو سبب وڏيري،پير،مير، سردار۽ جاگيردار کي قرار ڏئي ڇڏيو. گذريل آچر واري ڏينھن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ سانا پاران ٿيل ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مجموعي سماجي صورتحال بابت ماھرن پنھنجا پنھنجا ويچار،رپورٽس ۽ اڀياس پيش ڪيا.جنھن ۾ سنڌ جي سماج جي جوڙجڪ،روين،حالتن سميت اختيار ڌڻين جي لاپرواھي بابت ڳالھايو ويو.
ڪانفرنس ۾ مقررن واضح ڪيو ته سنڌ ۾ معاشي وسيلا هجڻ باوجود عوام کي غربت مان نه ڪڍيو ويو. 75 سالن ۾ ترقي بدران عام ماڻھون کيا ڳتي وڌڻ نھ ڏنو ويو.مقررن جو چوڻ ھو تھ پيرن ۽ جاگيرداري نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ بغاوت ڪرڻي پوندي. ڪانفرنس ۾صدارتي خطاب ڪندي معاشي ماهر قيصر بنگالي جو چوڻ ھو تھ پاڪستان ۾ 75 سالن ۾ غربت جو خاتمو، تعليم جي فراهمي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي ممڪن نه بڻائي سگهيا آهيون.ملڪ ۾ پئسو آهي شعوري طور تي ماڻھن کي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي. هن چيو ته عوام جي چونڊيل نمائندن وٽ معاشي سگهه آهي پر سندن عاليشان بنگلن ٻاهران غربت عام آهي، سنڌ ۾ مڊل ڪلاس پيدا ٿيو آهي، پر اهو سياسي طاقت ۾ نه آهي. چونڊيل نمائندا پيڙهين کان سياست ۾قابض آهن.
سنڌ ۾ انساني ترقي بابت سيشن ۾ ڳالهائيندي سانا اڳواڻ اعجاز ترڪ چيو ته سنڌ ۾ هر طرف جهالت ۽ تباهي نظر اچي ٿي، مذهبي جنونيت ۽ حڪومت جو فقدان آهي. فوڊ سيڪيورٽي ۽ انساني ترقي تي بابت ڳالھائيندي محمود نواز شاهه چيوته پاڪستان زرعي ملڪ هجڻ باوجود خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي پيو. پاڪستان عالمي، زرعي ۽ وڌندڙ آبادي جي چئلينجز کي منهن ڏئي رھيو آھي.اٽي سميت ٻين اسمن جي اگهن وڌڻ تي بھ ڪو آواز نٿو اٿياري.هن چيو ته ٻوڏ آئي پر چانور ايڪسپورٽ ڪيا ويا، خوراڪ جي کوٽ جا مسئلا مقامي سطح تي حل ڪرڻا پوندا.
سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ انساني ترقي بابت ڳالهائيندي دانشور ۽ محقق نصير ميمڻ چيو ته عالمي اداري جي رپورٽ موجب ٻوڏ کان اڳ سنڌ ۾ 60 سيڪڙو ڪچا گهر هئا، بدين ۾ 75 سيڪڙو، جيڪب آباد ۾ 71 ۽ ميرپورخاص ۾ 70 سيڪڙو ڪچا گهر هئا.هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب سوا ڪروڙ ماڻهو 6 مهينن لاءِ بي گهر ٿيا، ان کي قدرتي تباهي ۾ نٿو ڳڻي سگهجي. صحت جي حوالي سان سرڪاري انگن موجب 5 لک مليريا ڪيس ۽ عوام موجب 10 لک کان وڌيڪ مليريا ڪيس ٿيا، عوام جي تحفظ لاءِ سرڪار وٽ ڪو به پلان نه آهي. هن چيو ته ٻوڏ بعد ساڍا 6 لک ڳورهاريون عورتون دربدر ٿيون، انهن جو ڪو رڪارڊ ئي نه آهي ته انهن جو ڇا ٿيو، پيئڻ جو پاڻي صاف نه آهي، 75 سالن ۾ جوڙيل اسڪولن مان ٻوڏ دوران 40 سيڪڙو اسڪول تباهه ٿيا، 20 لک گهر تباهه ٿيا، هاڻي حڪومت 20 لک گهر ٺاهڻ جو پلان جوڙيو آهي، ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ ترقي ۾ 20 سال پوئتي هلي وئي آهي. ان ڪري حڪومت کي ڪانٽريڪٽي نظام ختم ڪري عوام کي پاڻ سان ملائي ڪم ڪرڻو پوندو نه ته ترقي نه ٿيندي.
تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شيرين ناريجو جو چوڻ ھو عوام کي اهو هاڻي سوچڻ گهرجي ته تعليم ڇا لاءِ ھونددي آھي، ٻار اسڪول ڇو داخل ڪيون، انهن سوالن اٿارڻ ۽ انهن تي سوچڻ سان مسئلن جو حل به نڪري ايندو، هن چيو ته اسڪول بند هجڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر اهو نه ٻڌايو ويو ته 36 هزار اسڪول هلن پيا، 43 لک ٻار تعليم پرائن پيا، هڪ لک کان وڌيڪ استاد تعليم به ڏين پيا. هن چيو ته اسان تعليم پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيا آهيون، رڳو گوسڙو ٽيچرن تي ڳالهائڻ بدران سڌارن ڏانهن وڌڻ گهرجي، تعليمي نظام کي 6 مهينن ۾ درست ڪري سگهجي ٿو، ان ڪري ٽي اوز بدران هيڊ ماسترن تي ڪم ڪجي، ڳوٺاڻن کي پاڻ اسڪولن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي، اسڪول ٺهرائڻ کان وٺي انهن جي حفاظت لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ جي گھڻگھرن جي ھي ھڪ بھتر ڪوشش آھي،جنھن ۾ مجموعي طور تي اڄوڪي سنڌ جو گھڻي حد تائين ھڪ واضح نقشو يا ان جي تصوير سامھون آئي آھي.جيڪي بھ ڳالھيون ھن ڪانفرنس ۾ ٿيون اھي ڪافي حد تائين سنڌ جي موجود مسئلن جي نشاندھي ڪن ٿيون.جنھن ۾ انساني ترقي، صحت،تعليم سميت خوارڪ جي کوٽ انساني حقن جي لتاڙ، ٻوڏ ۾ متاثر ٿيڻ بعد سنڌ جي حالت جا شعبا گھڻا آھن.توقع ڪجي ٿي تھ سنڌ جا ماھرن ذڪر ڪيل مسئلن ۽ انھن جي سببن ختم ڪرڻ جي لاءِ بھ عمل جوڳيون تجويزون پيش ڪندا جئين سامھون آيل مسئلن جي حل طرف وڌي سگجي. ساڳي ريت ھتي اھو پڻ ذڪر ڪرڻ بي وقتو نھ ٿيندو تھ گذريل پندرھن سالن کان سنڌ تي خاص ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي جيڪا يقينن ھڪ وڏي جماعت آھي، ان ھوندي بھ سنڌ جو ماڻھو ھن وقت تائين بنيادي مسئلن ۾ ڦاٿل آھي، ٻئي پاسي اھا بھ وڏي حقيقت آھي تھ سنڌ ۾ ھن وقت تائين سياسي ميدان ۾ ڪو اثر وجھندڙ وچولو طبقو پيدا نھ ٿي سگھيو آھي يا ان طبقي کي سياست ۾ جاءَ نھ ملي رھي آھي.جنھن ڪري ھر جڙندڙ حڪومت ۾ اصل طاقت مخصوص وڏيرن،پيرن،ميرن ۽ جاگيردارن جي رھي ٿي.
سنڌ جا باشعور ماڻھو ان ڳالھھ تي متفق آھي تھ سياست ۾ وچولي طبقي جي نھ ھئڻ يا ان جي اثر نھ ھئڻ جي وچولي ۽ غريب ماڻھون سان لاڳاپيل مسئلا سياست جي اصل طاقت رکندڙ ڌرين وٽ ايجنڊا ۾ ئي شامل نھ آھن. اھو درست آھي تھ سنڌ جو نوجوان ۽ باشعور ماڻھون جيستائين سماجي جوڙجڪ ۾ پير،مير،وڏيري ۽ جاگيردار جي خلاف کليل بغاوت نھ ڪندو تيستائين سنڌ جي سماج ۾ تبديلي جي شروعات نھ ٿيندي، جيڪو بھ ماڻھون جتي آھي اھو سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي مفادن کي نظر ۾ رکي ڪري ان تي عملي طور ميدان ۾ ايندو تھ ان سان ئي ڪي بھتر نتيجا اچي سگھن ٿا.