نئي دهلي (م ڊ) مالديپ جي ٽن وزيرن پاران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي بابت توهين جوڳو بيان ڏيڻ کانپوءِ ڀارت مالديپ جي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري ورتو آهي. مالديپ جي وزيرن، جن کي هاڻي معطل ڪيو ويو آهي، مودي کي مسخرو، دهشتگرد ۽ اسرائيل جو ڪٺ پتلي سڏيو هو. ان کان اڳ، مالديپ جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان واضح ڪيو ته تبصرا ذاتي هئا ۽ حڪومت جي خيالن جي نمائندگي نٿا ڪن. صدر محمد معيزو جي آفيس مان چيو ويو آهي ته سڀني سرڪاري آفيسرن جن اهي تبصرا ڪيا انهن کي فوري طور تي عهدن تان هٽايو ويو آهي. واضح رهي ته 4 جنوري تي نريندر مودي عربي سمنڊ ۾ ڀارتي ٻيٽ لکشاديپ جون ڪجهه تصويرون ٽوئيٽ ڪيون هيون.جنهن تي هن لکيو هو ته مان اڃا تائين هن ٻيٽ جي خوبصورتي ۽ ماڻهن جي گرمي جوشي مان متاثر آهيان.