اھا تھ سڀني کي خبر آهي ته هندستان جي گاديءَ جو هنڌ تاريخي دلي سان ڳنڍيل هڪ سئو يارهن سال پراڻي، نئين دهلي آهي، افغانستان جي گاديءَ جو هنڌ صدين کان آباد ڪابل آهي، تهران جي پنهنجي هڪ ڊگهي تاريخ آهي۽پاڪستان جو چوٿون پاڙيسري چين جڏھن ڪميونسٽ نه هو، تڏھن پڻ بيجنگ ھو ۽ اڄ بھ اھا ئي راڄڌاني آهي. پر پاڪستان کي آخر پنهنجي جنم جي يارهين سال ھڪ نئين راڄڌاني جي ڇو ضرورت پئجي وئي،جڏهن ان وٽ اڳ ۾ ئي بڻيل بڻايل ڪراچي موجود ھو.نئين گاديءَ جي ھنڌ جي مستقبل جي گھرج پوري ڪرڻ جي لاءِ نارٿ ناظم آباد ۽ گڏاپ جي ٽائون پلاننگ بھ ٿي چڪي ھئي.
تڏھن پاڪستان جي معيشت بھ ان قابل نھ ھئي جو ھڪ پوري لاؤ لشڪر سان ڏورانهين هنڌ منتقل ڪرڻ جي عياشي جي متحمل ٿي سگهي. شايد ان ڪري جناح صاحب کان وٺي اسڪندر مرزا تائين ڪنهن گورنر جنرل ۽ لياقت علي خان کان وٺي آءِ آءِ چندريگر تائين ڪنهن به وزيراعظم کي نئين راڄڌاني جي هنگامي تعمير جو خيال به نه آيو.
اهو اڇوتو خيال آخر اسان جي پهرئين طاقتور ايوب خان کي ئي ڇو آيو ۽ هن پاڻ ئي اهو ڪمزور دليل ڏئي ڪري پنھنجي طور اھو فيصلو ڪيئن ڪري ورتو ته بلڪل ڏکڻ ۾ واقع راڄڌاني (ڪراچي) جيئن تھ باقي صوبن کان پري آهي،جنھنڪري علاج اهو آهي ته ان کي بنھھ اتر ۾ منتقل ڪيو وڃي. فيلڊ مارشل اهو ڇو نه سوچيو ته ان فيصلي سان سندس اباڻي سرحدي صوبي (خيبرپختونخواهه) ۽ اتر ۽ وچ پنجاب جي رسائي تھ وڌي ويندي، پر سنڌ، بلوچستان ۽ اوڀر پاڪستان جي ماڻھن جو ڇا ٿيندو؟ بلڪھ ڍاڪا کان ڪراچي جو ٻه هزار ستر ڪلوميٽر جو مفاصلو اتر طرف راڄڌاني منتقل ٿيڻ بعد وڌي ڪري ٽي هزار ست سئو ڪلوميٽرن تائين پهچي ويندو ۽ بنگالين جي نفسياتي اجنبيت به گهٽجي ويندي.
نئين راڄڌاني جي،اڌ پنجاب ۽ سڄي سرحدي صوبي جي ويجھو هئڻ جي باوجود، روزگار جي تلاش ۾ عام ماڻهوءَ جي پسند ڪراچي ئي رهي، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد ان جي لاءِ ٺاهيو ئي نھ ويو هو ۽ راولپنڊي يا پوٺوھاري و هزاري جي ڀرپاسي ۾ ايتري گنجائش ئي نھ ھئي جو، ڪراچي جي برابر روزگار پيدا ٿي سگهي. راولپنڊي جي سڃاڻپ رڳو اها هئي ته اها برطانوي هندستاني فوج جي ناردرن ڪمانڊ جو هيڊ ڪوارٽر هو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اھو بري فوج جو هيڊ ڪوارٽر بڻجي ويو.
ايوب خان کي سياست سان نھ سياستدانن کان نفرت ھئي،عوام هن جي نظر ۾صرف هڪ هجوم جو نالو هو،تنهنڪري في ماڻهو في ووٽ واري جمهوري عياشي کان اڳ، ان کي ڪنٽرولڊ جمهوريت جو جلاب ڏيڻ ضروري آهي. ۽ ڪو به عقِل ڪل،حڪمران ڀلا ڪيئن برداشت ڪري سگهي ٿو ته بدتميز شاگرد،بدحال مزدور، وات ڦاٽا صحافي، دڪاندار ۽ ملازم، ڏينهون ڏينهن ڳتجندڙ ڪراچي جي ايوان صدر (هاڻي گورنر هائوس)سامھون سينھ ڪوبي ڪندي، الاڻو فلاڻو ھاءِ ھاءِجا نعرا هڻڻ جي لاءِ منھن کڻي گڏ ٿيندا رھن۽پوليس جون لٺيون ۽ گئس کائيندا رھن.
تنهن ڪري ان آدم بيزاريءَ جو حل اهو ڪڍيو ويو ته گادي جو ھنڌ ئي پٽيو وڃي،تھ جئين عام ماڻھو ايستائين رسائي کان اڳ پنھنجي کيسي ۽ ارادي جي ڏھ ڀيرا سار لھن ۽ جيڪڏھن ڦاٽل جتن سميت گھڙي بھ اچن، تھ ان جو آواز شڪرپيڙيان ۽ مارگلھ جي وچ ۾ گوجندو رھجي وڃي ۽ جيڪڏھن ڪو بددماغ سويلين ڪڏھن پاور ۾ اچي وڃي تھ، ان جي سيکت، جو ھٿياربند تسلي بخش انتظام پڻ نئين شھر واري موڙ تي ئي موجود ھجي.
نئين راڄڌاني کي جنم ڏيڻ جو فيصلو،جنھن ڪچن ڪيبينيٽ ڪيو، ان ڄڻ واضح ڪري ڇڏيو تھ آخري فيصلو ڪنھن جو ھلندو. اسلام آباد جو موزون ماڳ بھ ايوب خان جي ھمراز جنرل يحيٰ خان ڳوليو۽ان جو نقشو ايٿينز جي ھڪ ماھر تعميرات ڪانسٽينٽينو ڊوڪسياڊس کان ٺهرايو.
ڊوڪسياڊس شهر جو نقشو قديم ايٿينز سٽي اسٽيٽ جي نموني تي بڻايو.اونچي مقام تي قصِر حڪمراني و قصرِ انصاف،آسپاس حڪمران طبقي جا محل،ان کان پوءِ وچولو طبقو ۽ خوشحال ڪارندا ،جي حضوري طبقا ۽ پوءِ عوامي سيڪٽرز ۽ چوڌاري نيم غلامن جون بي ترتيب وسنديون.
سڪون ئي سڪون ئي،ساوڪ ئي ساوڪ،ساھ کڻڻ جي لاءِ ڪارخانن جي چمنين کان ٻاهر صاف سٿري هوا ۽ امن امان به ڪنٽرول هيٺ.هڪ اھڙي آدرشي جڳهه جتي وفاقي يونٽن مٿان هر قسم جا فيصلا مڙھي سگهجن ٿا ۽ انهن يونٽن جا نمائندا هن راڄڌاني ۾ اجنبين جي نفسيات سان اچن ۽ وڃن.
سن 1980ع تائين هي شهر ائين هلندو رهيو.پهريون پٿر جنرل ضياءَ جي لاڳو ڪيل زڪواتي نظام خلاف ريڊ زون ۾ اھلِ تشيع جي ڌرڻي جي صورت ۾ ڪِريو. ان کان پوءِ تھ نظام جي ستايلن ۽ مطالبي جٿن ڄڻ رستو ڳولي ورتو. جنهن وٽ پنج سئو ماڻھون ٿين پيا،اھو اسلام آباد جو رخ پيو ڪري.جنھن گھڻو ڌمڪايو يا تشدد تي لھي آيو ان جي ٻڌي وئي.جيڪو به شرافت سان اچي ڪڙڪندو ھو ان سان ماڻھن جيان ڳالهھ ٻولھه ٿيندي ھئي.جيڪو پري کان يا پيادو آيو پئي، ان کي ڌمڪائي يا قانون جي پنجوڙ ۾ ڇڪي ٻڌي طبيعت صاف ڪئي پئي وئي. پر وقت سان گڏوگڏ دٻاءَ وڌندو ويو.باقي پاڪستان جي آبادي پڻ، جڏهن اسلام آباد ٺهيو ھو ته، لڳ ڀڳ پنج ڪروڙ ھئي.اڄ پنجويھھ ڪروڙ آھي.تنھڪري، اسلام آباد دي بيوٽي فل ھاڻي اسلام آباد ڌرڻو فل بڻجي چڪو آھي. مٿان کان وري شرپسند سوشل ميڊيا به هٿ مان نڪري وئي آهي. ٽيهٺ سال اڳ جيڪڏهن سڀني کي برابري سان حصو ملي وڃي ها ته، شايد راڄڌاني ڏکڻ کان پٽي اتر ڏانهن کڻي وڃڻ جي ضرورت ئي نه ھجي ها. اڄ صورتحال وڌيڪ ڳنڀيرآهي.چئين طرف رعايا ھٿ پکيڙي بيٺي آهي. توهان وٽ واچ آهي پر وقت رعيت وٽ آهي.
تھ پوءِ ڇا سوچيو؟ رويو بدلجندو يا راڄڌاني ٻيهر بدلائي ويندي؟
ہر موڑ پے وا ہیں مری آنکھوں کے دریچے
اب دیکھنا یہ ہے کہ تو جاتا ہے کہاں سے
(جاوید صبا)
تنهن ڪري ان آدم بيزاريءَ جو حل اهو ڪڍيو ويو ته گادي جو ھنڌ ئي پٽيو وڃي،تھ جئين عام ماڻھو ايستائين رسائي کان اڳ پنھنجي کيسي ۽ ارادي جي ڏھ ڀيرا سار لھن ۽ جيڪڏھن ڦاٽل جتن سميت گھڙي بھ اچن، تھ ان جو آواز شڪرپيڙيان ۽ مارگلھ جي وچ ۾ گوجندو رھجي وڃي ۽ جيڪڏھن ڪو بددماغ سويلين ڪڏھن پاور ۾ اچي وڃي تھ، ان جي سيکت، جو ھٿياربند تسلي بخش انتظام پڻ نئين شھر واري موڙ تي ئي موجود ھجي.