سينيٽ ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ سبب پيدا ٿيل غير يقيني واري صورتحال

شفيق الرحمان شاڪر

گذريل جمع جي ڏينھن سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪجهه سينيٽرز پاران عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي حق ۾ ھڪ قرارداد پيش ڪئي ويئي جيڪا بعد ۾ اڪثريتي راءِ سان منظور به ٿي وئي.انھن سينيٽر صاحبان جي خيال مطابق ھن وقت ملڪ جون حالتون چونڊن لاءِ سازگار ناھن ان ڪري جيڪر چونڊن کي ڪجهه عرصي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏجي ته ڪا قيامت نه ايندي.انھن صاحبن پنھن جي ان راءِ جي حق ۾ ٻه وڏا دليل پيش ڪيا آھن. پھريون اھو ته ھن وقت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سخت ٿڌ آھي جنھن ڪري ماڻھو ووٽ ڏيڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنن تي پھچي نه سگهندا.ٻيو دليل اھو ته ملڪ ۾ امن امان ۽ سلامتيءَ واري صورتحال نھايت ئي ڳڻتيءَ جوڳي آھي جنھن ڪري چونڊون وڙھندڙ اميدوارن جي زندگين کي خطرو آھي،اھڙي صورتحال ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو عمل ماڻھن ۽ خاص طور تي چونڊون وڙھندڙ اميدوارن جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ جي برابر ٿيندو.

جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته سندن انھن ٻنھي دليلن ۾ ڪو به وزن محسوس نٿو ٿئي پر  اھا ڪنھن ڊرامي جي ڪڙي معلوم ٿئي ٿي. ڊرامو اھو آھي ته ڪجهه ڌرين بلڪ اڪثر سياسي جماعتن جي به اھا ئي خواھش آھي ته ڪنھن نه ڪنھن طرح چونڊن کي ملتوي ڪرايو وڃي.انھن جي اھا خواھش ڇو آھي، انھي تي اڳتي ھلي روشني وجهنداسين پر پھريان انھن معزز سينيٽر صاحبان جيڪي پنھن جو پاڻ کي سياسي ڪارڪن ۽ جمھوريت جا دعويدار چورائين ٿا تن جي دليلن تي غور ڪريون ٿا ته انھن ۾ ڪيترو وزن آھي؟

جيستائين موسم جي خرابي ۽ سخت سردي جو سوال آھي ته پارليامينٽ کي گهرجي ته اھا آئين ۾ ترميم ڪري اھو نقطو آئين ۾ شامل ڪري ڇڏي ته ملڪ ۾ چونڊون ڪڏھن به سياري جي موسم ۾ نه ٿينديون.ان کان پوءِ جيڪر ملڪ جي نھايت ئي گرم علائقن سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻ اعتراض ڪن ته اھا ترميم به ٿيڻ گهرجي ته چونڊون گرميءَ جي موسم ۾ به نٿيون ڪرائي سگهجن.اھڙيءَ طرح برساتن جي موسم ۾ ته ھونئن ئي ڪرائي نٿيون سگهجن.مطلب ته چونڊون صرف ان وقت ٿيڻ گهرجن جنھن وقت اصل واڳ ڌڻي چاھين يا وري جڏھن سياسي ڌرين کي چونڊون کٽڻ لاءِ سندن حق ۾ ”سازگار“ حالتون نظر اينديون ھجن.ھي ملڪ آھي يا مسخري! اڳي ڪيترا ڀيرا چونڊون فيبروريءَ جي سخت ٿڌ ۽ جولاءِ جي سخت گرميءَ ۾ نه ٿي چڪيون آھن ڇا؟

ھاڻي اچون ٿا ملڪ جي سلامتي ۽ امن امان جي صورتحال سبب چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري مطالبي تي،سوال اھو آھي ته ملڪ ۾ امن امان جي بدتري ۽ دھشتگردي وارين ڪاروائين يا خطرن جي جيڪا ڳالهھ ڪئي پيئي وڃي، ڇا اھا صورتحال رڳو اڄ ڪلهھ پيدا ٿي آھي يا گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان جاري آھي؟2008ع جي عام چونڊن دوران ملڪ جي امن امان ۽ سلامتي واري صورتحال ڇا ھئي؟ ڇا ان وقت اھي دھشتگرد ڪاروائيون ۽ خطرا موجود نه ھئا؟ محترمه بينظير صاحبه ان وقت دھشتگرد ڪاروائين جو نشانو نه بڻي ھئي؟ عوامي نيشنل پارٽي جا ڪيترا ڪارڪن ۽ اڳواڻ انھن دھشتگرد ڪاروائين جو شڪار نه ٿيا ھئا ڇا؟ حالتون اڄ وڌيڪ خراب آھن يا گذريل چونڊن يعني 2008ع ۽ 2013ع جي وقت وڌيڪ خراب ھيون؟ وري ان ڳالهھ جي ڪھڙي ضمانت آھي ته ايندڙ ڪجهه عرصي دوران ملڪ جون حالتون سڌري وينديون ۽ دھشتگرد ڪاروائين کي بلڪل ئي ٻنجو اچي ويندو.

اصل ڳالهھ اھا آھي ته اھي معزز سينيٽر صاحبان انھن ئي ناٽڪي ڪردارن سان سامھون آيا آھن جيڪي ناٽڪ ماضي ۾ به جمھوريت جي نالي تي ھن ملڪ ۾ ٿيندا رھيا آھن.ھي ڪھڙي جمھوريت جا علمبردار آھن جيڪي پارليامينٽ جيڪا ھن وقت اڻپوري آھي ان جي تڪميل جي عمل ۾ رنڊڪون وجهي رھيا آھن.دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ چونڊون جنگ جي حالتن ۾ به ٿينديون رھن ٿيون ڇو ته جمھوري عمل ۾ ڪنھن به قسم جي دير، رڪاوٽ يا ٽال مٽول مسئلا حل ڪرڻ بدران ھميشه مسئلا وڌيڪ منجهائي ٿي.لڳي ٿو ته اسان جي مقتدر ڌرين توڙي سياسي رانديگرن اڄ تائين سياسي تاريخ مان ڪو سبق ناھي سکيو.تجربن جي فيڪٽري اڄ به ساڳئي ڪم ۾ رڌل نظر اچي ٿي.اھو ئي ”ون مين شو“ جاري آھي.

توڙي جو سندن ماضي جون سموريون ”دانشمنداڻيون“ پاليسيون ھاڻي سندن نڙي جي اھڙي ھڏي بڻجي چڪيون آھن جنھن کي نه ته ڳهي سگهجي ٿو ۽ نه ئي ٻاھر ڪڍي ٿو سگهجي.انھن ”دانشمنداڻين“ ڪارروائين مان ھڪڙي ” عمران خان پروجيڪٽ“ به آھي جنھن انھن سان اھڙو ته حشر ڪيو آھي جو کين ڪجهه به سمجهھ ۾ نٿو اچي ته ان ”مسخري“ مان جان ڪيئن ڇڏائجي.بدقسمتي سان عوام جي اڪثريت اڄ به اھو ٿي سمجهي ته خان صاحب سندن حقن جي جنگ وڙھي رھيو آھي.ھنن جي خيال ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻيون سياسي ڌريون پاڻ ۾ ملي ڪري خان صاحب تي قھر ۽ ستم جا جبل ڪيرائي رھيا آھن پر خان صاحب نھايت بھادري سان ”اينٽي اسٽيبلشمينٽ“ نظريي تي قائم ۽ دائم بيٺل آھي.جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ اھو نظريو عوام ۾ گهڻو مقبول آھي ان ڪري عوام خاص طور تي نوجوانن جي اڪثريت اڄ به خان صاحب کي مظلوم سمجهندي ساڻس گڏ بيٺل نظر اچي ٿي.

اھو ئي خوف آھي جيڪو اصل واڳ ڌڻين کي ڪا ھڪڙي منصوبابندي مڪمل نموني عمل آڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رھيو آھي.اھي خان صاحب کي ھر صورت ۾ سياسي عمل کان ٻاھر رکڻ گهرن ٿا پر ڪھڙي طرح ھڪ طرف عوامي مقبوليت وارو گراف ھيٺ لھڻ جو نالو ئي نٿو وٺي ته ٻئي طرف خود اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا به ورھايل ۽ منجهيل نظر اچي ٿي.ٻين مکيه سياسي جماعتن جي حالت اھا آھي ته انھن وٽ خان صاحب جي مضبوط بيانيي جي ڀيٽ ۾ نه ته ڪو بھتر بيانيو آھي ۽ نه ئي سندن گذريل سورھن سالن واري حڪومت جي ڪا قابل بيان ڪارڪردگي.ان ڪري مقتدر ڌرين سان گڏوگڏ اھي به ڪنھن نموني ڪجهه عرصي لاءِ چونڊن کان فرار اختيار ڪرڻ گهرن ٿا.شايد ان وقت تائين خان صاحب جو سياسي پتو پوري طرح صاف ٿي وڃي ۽ ھنن ويچارن جي راھ ۾ ڪا به رڪاوٽ باقي نه رھي.خواھشون ته سٺيون آھن پر ماضي ۾ به اھڙين ئي حسين خواھشن ملڪ ۽ قوم جو ٻيڙو غرق ڪيو آھي!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.