طاقتور ڌرين سان گڏ بيورو ڪريسي به ڪرپٽ آهي،سنڌ جا ماڻهو آئيڊياز تي ڪم نه پيا ڪن:پرويز هودڀائي

ڪراچي: سانا سنڌ ڪانفرنس پاڪستان جي سياسي نظام کي غير مستحڪم قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ترقي لاءِ اصلوڪن ماڻهن کي گڏ کڻي سوشل ۽ سياسي تبديلي آڻي ترقي ڪري سگهجي ٿي، اهڙو  اظهار مقررن  آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ سانا سنڌ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، تعليمدان ۽ اديب پرويز هودڀائي چيو ته سنڌ ۾ انساني ترقي ڪانفرنس جي بهترين چونڊ آهي، ان سان گڏ عورتن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ گهوسٽ استاد عام ڳالهه آهي، هاري مشڪلات کي منهن پيا  ڏين ، خانگي جيل، زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ سميت ٻيا مسئلا آهن، هن چيو ته اڳ پاڪستان معاشي طور مضبوط هو، 75 سالن ۾ ڪجهه نئون نه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ طاقتور ڌرين ٻوڏ بعد به پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۾ تبديلي نه آندي آهي، باقي غريب عوام لاءِ دنيا کان ماحولياتي تبديلي جي نالي تي مدد ورتي وئي آهي. هن چيو ته طاقتور ڌرين سان بيورو ڪريسي به ڪرپٽ آهي، طاقتور ڌرين کي اسان ئي ليڊر ٿيڻ جي اجازت ڏني آهي، هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو آئيڊياز تي ڪم نه پيا ڪن ته ڇا ڪرڻ گهرجي، ڪيئن تبديلي آڻيون، سنڌ جيڪا بهترين ماحول رکندڙ پرامن ڌرتي هئي، اهڙي سنڌ جي خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ فزيڪل پاور جي ضرورت آهي، گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي پوءِ ڪير تبديلي ۽ ترقي کان روڪي نه سگهندو. آمريڪي وقتي قونصل جنرل جمي مالڊن چيو ته پاڪستانين ۽ آمريڪين ۾ گهڻيون هڪجهڙايون آهن، اسپورٽس سان پيار ڪندڙ آهن، آمريڪا سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي وارن ڪمن ۾ اڳڀرو آهي، ان سان گڏ معاشي سڌارن لاءِ سيڙپڪاري به ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ سرڪار سان تعليم، بجلي، صاف پاڻي، ڊرينيج ۽ ٻين معاملن جي سڌارن لاءِ معاهدا ڪيا آهن، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ذريعي به ڪم ڪيون پيا. سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي صدر  مقبول هاليپوٽو چيو ته پاڪستان ۾ سياسي نظام مستحڪم نه آهي، ٻين ملڪن ۾ ائين نه آهي، سياست کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ايڊوڪيسي ڪندا آهيون، ٻيا ملڪ ان عمل مان فائدو وٺندا آهن، هن چيو ته سنڌ وسيلن سان  مالا مال آهي، زراعت، مينگروز، معدني وسيلا ۽ زمينون موجود آهن، پوءِ به اسان انساني ترقي ۾ پوئتي آهيون، ان ڪري مسئلن جي حل ۽ ترقي لاءِ اسان کي ڳالهائڻو پوندو، هن چيو ته سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن کي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ سان ڳنڍڻو پوندو، ۽ انهن کان پڇڻو آهي ته سندن مسئلا ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪئين حل ٿيندا ائين ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن ئي نه آهي، هن چيو ته تعليم، سوشل ورڪ سميت ٻين معاملن تي هر طرح سان سانا مدد لاءِ تيار آهي، اسان ڀلي سنڌ کان پري آهيون پر اسان جي دلين ۾ سنڌ آهي، اسان جي ڳالهائڻ کانسواءِ حڪومت سڌارا نه آڻيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.