پرڏيهه مان اچي سنڌ جي خدمت ڪندڙ اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيا: شهيد جو ڀاءُ

ڪراچي: انساني ترقي ۾ جاگيرداري نظام جون رڪاوٽون جي عنوان ھيٺ سيشن ۾ ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديوي ڳالهائيندي چيو ته  اسان کي ھاڻي متحد ٿي اھي رڪاوٽون ٽوڙڻيون پونديون جيڪي انساني ترقي ۾ نه رڳو  مداخلت ڪن ٿيون ۽ انساني ترقي کي روڪين ٿيون. تعليمدان اجمل ساوند جي ڀاءَ ڊاڪٽر طارق ساوند چيو ته  اجمل ساوند چيو هو ته پروفيسر نثار صديقي مون کي اي ميل ڪئي آھي ته تون سنڌ جو پھريون ماڻهو آھين جنهن آرٽيفيشل اينٽيلجنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آھي،  2015 ۾ ان وقت ھن کي ون ملين کان مٿي مليا ٿي ۽ آءِ بي اي کيس ھڪ لک 70 ھزار جي پيڪيج جي آڇ ھئي،  ھن مون کان مشورو ورتو،  مون کيس چيو ته تنهنجي زندگي جيئن بھتر سمجھين . ھن چيو ته سنڌ اچڻ ٿو چاھيان ۽ آئون جيڪڏهن سنڌ ايندس ته ڪيترائي اجمل تيار ڪري ٻاھر موڪليندس،   ھن وقت رڳو فرانس جي ٻارن کي پڙھائيندس، ھن زندگي جا 30-35 سال ٻاھر گذاريا انھي ڪري ھو اسان سان گڏ وقت گذاريندو ھو. هن چيو ته اجمل  شارٽ ڪورسز ڪرايا جنهن ۾ گذريل ٻن سالن دوران ھن 900 کان وڌيڪ شاگرد تيار ڪيا جيڪي پنهنجا ننڍا ڪاروربار ڪن ٿا ،  ھڪ شاگرد ڌيرج پئرس مان پي ايڇ ڊي پيو ڪري. هن چيو ته اجمل  ڪنهن وڏيري جي اوطاق تي وڃڻ پسند نه ڪندو ھو ماڻهن کي چوندو ھو ته پڙھو، شعور ڏاھپ جو قتل ٿيو آهي پر سنڌ حڪومت انھي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪجهه نه ڪيو آهي،  اسانکي جرڳي لاءِ ڌمڪايو ويو ، انهن ڌمڪين کي رد ڪيو آهي،  هن چيو ته سنڌ پوليس 10 مھينن کان ڪجهه نه ڪيو آهي ۽ انھي قتل ۾ ملوث قبيلي جي پٺڀرائي اڳوڻو ايم پي اي عابد سندراڻي پيو ڪري،  سنڌ جا ماڻهو ساٿ ڏين قاتل گرفتار ٿين جيئن ڪو ٻيو اجمل قتل نه ٿئي. دانشور جامي چانڊيو  چيو ته سنڌ جو وچولو طبقو پنهنجي فنا منا ۾ گذريل 30-40 سالن ۾ اڳتي آيو آھي اسان تي تنقيد ٿيندي رھي آھي ته ٻاھر نٿا وڃن، انھي جو ايم ايڇ پنھور جواب ڏنو ته سنڌ جا ماڻهو بنيادي طور خوشحال آھن انھي ڪري اھي لڏو نٿا کڻن،  سنڌ ۾ ھينئر تمام وڏي اربنائيزيشن تي آھي، اڄ ڪراچي جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي موجود آھن، هن چيو ته  ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ مان ڪولھي، ڀيل،اوڏ ۽ ميگهواڙ ننڌڻڪائي ۽ ناڪام رياست ۾ پنهنجي محنت سان وڪيل، ڊاڪٽر ۽  انجنيئر آھن. هن چيو ته سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جا شعبا بدترين آھن، جيڪو هاءِ اسڪول جو ھيڊماستر ٿيڻ جي اهل نه آهي، اهو يونيورسٽين ۾ وي سي آھي،  وچولو طبقو جڳاڙ ۾ پنهنجا ٻار پڙھائي ٿو غريب ۽ مسڪين جي مدد لاءِ ڪو به ادارو ناھي. هن چيو ته  سنڌ جي عورتن تي جواني اچي ئي نٿي،  پ پ کي 15 سال مليا پر ڪجهه نه ڪيائون،  وڌيڪ پنجاھ سال ملندا ته به ھي ڪجهه نه ڪندا، هن چيو ته يونيورسٽين جا پروفيسر، جج ۽  ڊاڪٽر پڙھيل لکيل ماڻهو انتھا پسند وڌيڪ آھن،  اڻپڙھيل ماڻهو انتھا پسند ناھي ۽ نه ئي جاھل آھي، هن چيو ته  ھاڻي رشتا طئي ڪرڻ وقت فرقو ڏٺا وڃن ٿا،  سنڌ ۾ اڳي اها بيماري نه ھئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.