ڪراچي: هم ٽي وي نيٽ ورڪ جي مالڪ سلطانه صديقي چيو ته سنڌ جي عورت مرد کان وڌيڪ سجاڳ آهي، جيڪڏهن مرد وڏي مقام تي آهن ته انهن جي تربيت سندن ماءُ ڪئي آهي، هن چيو ته قابليت رڳو مردن ۾ آهي اهو مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻو پوندو، ڪي پي جا ماڻهو پنهنجي ڳوٺن جي اسڪولن لاءِ ڳالهائين ٿا ته پوءِ اسان جي ماڻهن کي به اسڪولن جي مالڪي ڪرڻي پوندي، تعليم توڙي صحت لاءِ جدوجهد ڪري پنهنجو حق وٺڻو پوندو، هن چيو ته نوجوانن کي رڳو سرڪاري نوڪرين تي ڀاڙڻ بدران ٻين سيڪٽرن ۾ پاڻ کي مڃائڻو پوندو، عورتون چونڊيل نمائندن کي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون ته پوءِ انهن کي به اسيمبلين ۾ عورتن لاءِ سيٽون وڌائڻيون پونديون، وفاقي سيڪريٽري ناهيد شاهه چيو ته ترقي صرف تعليم سان ئي ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ عورتن کان وڌيڪ مردن کي تعليم ڏيڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته معاشري ۾ ترقي لاءِ سوشل نيٽ ورڪ جوڙيو آهي، ايس آر ايس او ذريعي سوشل ترقي ۾ پنهنجو حصو وٺون پيا.سماج سڌارڪ امر سنڌو چيو ته ترقي يافته سنڌ جا ماڻهو هاڻي ذهني طور تي پوئتي پئجي ويا آهن، سنڌ واسي هاڻي ڪمزور خلاف طاقت جي استعمال طرف وڌون پيا، هاڻي حالت اها آهي ته سنڌ ۾ روز 3 عورتون قتل ٿين ٿيون، هن چيو ته سنڌ جي اڌ آبادي عورتن جي آهي، انهن جي ترقي لاءِ سماج کي سوچڻو پوندو.سماجي اڳواڻ زهريٰ خان چيو ته عورتن جو استحصال ازل کان جاري آهي، عورتون گهر، ٻاهر، تعليمي ادارن توڙي نوڪرين وارن هنڌن تي حراسمينٽ سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏين ٿيون، هن چيو ته مسئلن جو حل سياست ۾ آهي، ان ڪري عورتن ۽ مردن کي گڏجي طبقاتي جدوجهد ڪري معاشري ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.سوشل ورڪر ماهه نور شيخ چيو ته سماجي ڪم ڪار ۾ نوجوان اڳيان اڳيان آهن، نوجوان سماجي ڪمن سان گڏ هاڻي سياست ۾ به اڳتي اچن ته جئين تبديلي اچي سگهي.سنڌ سهائي آرگنائيزيشن اڳواڻ عائشه ڌاريجو چيو ته رڳو اڻ پڙهيل نه پر تعليم رکندڙ به عورتن سان خراب سلوڪ ڪن ٿا، عورتن کي سندن باس، ساٿي يا مائٽ تنگ ڪن ٿا، اهي واقعا رپورٽ ئي نه ٿا ٿين، معاشري ۾ سڌار لاءِ ميڊيا جو وڏو ڪردار آهي، هن چيو ته اڄ جي عورت استحصال باوجود ظلم خلاف سوال ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي، سانا اڳواڻ شاهده شيخ سنڌ جي عورتن جي هٿ جي هنر کي آمريڪا ۽ ڪئنيڊا ۾ کڻي وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سنڌي عورتن ۾ ٽئلنٽ آهي، عورتن کي برابر جا حق ڏنا وڃن، هن چيو ته ننڍي عمر ۾ شادي، مذهب تبديلي سميت انساني حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي.وڪيل شازيا نظاماڻي چيو ته سنڌ قانون ٺاهڻ ۾ ٻين صوبن کان اڳتي آهي پر قانون تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، آئين عورت ۽ مرد کي برابر حق ڏئي ٿو رڳو عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي.