عمران خان جو پرڏيهي ميڊيا ۾ ڇپيل آرٽيڪل جيل مان نه مليو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان طرفان پرڏيهي ميڊيا ۾ ڇپيل آرٽيڪل جي معاملي تي جيل عملدارن معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، ذريعن جيل عملدارن جي حوالي سان چيو آهي ته عمران خان جو آرٽيڪل جيل مان ناهي مليو، آرٽيڪل ڇپجڻ بعد جيل عملدارن ڇنڊڇاڻ ڪئي هئي، جيل عملدارن جي ذريعن موجب عمران خان سان ملندڙن جو مڪمل اسڪين ڪيو وينددو آهي، ان سان ملندڙن جي مڪمل رڪارڊنگ ٿيندي آهي، آءِ جي جيل خانه پنجاب فاروق نذير جو چوڻ آهي ته جيل ۾ ملاقات ڪنددڙن جي مڪمل چيڪنگ ٿيندي آهي، ايس او پيز جي تحت ملاقات ڪندڙ هٿين خالي ايندا آهن ۽ هٿين خالي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.