اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب ٻاهران گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ ۾ فاطي نالي هڪ عورت پڻ شريڪ آهي،هوءَ ڪوئيٽا ۾ رهي ٿي ۽ هتي اسلام آباد پريس ڪلب آڏو پنهنجي مڙس جي بازيابي لاءِ لڳايل احتجاجي ڪئمپ جو حصو بڻجي وئي آهي.بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس مڙس متا خان مري چئن سالن کان گم آهي.سندس چوڻ هو ته ”جڏهن بالاچ کي قتل ڪيو ويو ته مان به ڪوئيٽا ۾ احتجاج ۾ شامل هئس، جنهن کانپوءِ هاڻي اڪيلي اسلام آباد آئي آهيان.فاطي بي بي سي کي ٻڌايو ته مون کي اسلام آباد ڏسڻ جو تمام گهڻو شوق هو پر خبر نه هئي ته مون کي هن شهر ۾ اهڙي طرح اچڻو پوندو. فاطمي هاڻي پنهنجي ساٿين سان گڏ هن سردي ۾ واش روم وڃڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا سوچي ٿي.فاطمي چيو ته مان اڃا به ويجھو پيٽرول پمپ استعمال ڪريان ٿو ۽ اتي به هراسان ٿيڻ جو خطرو آهي.