تحريڪ جو ٽيون مرحلو،ماهه رنگ بلوچ جو اهم پيغام

اسلام آباد(م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ چيو آهي ته اسان جي تحريڪ اسلام آباد تائين پهتي آهي، هن تحريڪ سان جڙيل هر شخص جي مان دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيان،جو انهن رياستي جبر،تشدد ۽ ايف آءِ آرز هئڻ باوجود اسان جو ساٿ ڏنو ۽ اسان جي ڪال تي سموري بلوچستان ۾ احتجاج ڪيو، وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته اسان جي جدوجهد جو ٽيون مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، ٽئين فيز ۾ اسان سموري پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ حمايت چاهيون ٿا جيڪي ماڻهو اسان کي ٻڌي رهيا آهن ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي  تحريڪ سان گڏ آهن انهن کي اپيل ڪريان ٿي ته گهرن مان نڪرو، ٻارن،عورتن کي ساڻ کڻي اچو، اسان هر عورت کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان کي سپورٽ ڪريو، هن تحريڪ سان جڙيل هر شخص کي رياست کان خطري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،رياست کان پروفائلنگ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته هن تحريڪ سان جڙيل ڪيترن ئي سرڪاري ملازمن جون نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن،ان  مان رياست جي وائڙائپ نظر اچي ٿي، اسان سڀني کي گذارش ڪريون ٿا ته توهان جتي به آهيو،يونيورسٽي،ڪاليج،گهر ۾ آهيو اتان کان اسان جي تحريڪ جو ساٿ ڏيو، توهان وڊيو پيغامن ذريعي اسان جي تحريڪ جو ساٿ ڏئي سگهو ٿا ،توهان ڌرڻن ذريعي اسان کي سپورٽ ڪري سگهو ٿا، جتي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي احتجاج ڪري توهان شريڪ ٿيو،هن چيو ته رياستي مشينري آڏو مزاحمت جي علامت بڻجڻو آهي، اسان رڳو بلوچن لاءِ  نه پاڪستان ۾ جتي به انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي انهن خلاف اسان اٿيا آهيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.