اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ بلوچ نسل ڪشي خلاف واجا ثنا بلوچ به شريڪ ٿيو،هن چيو ته بدقسمتيءَ سان بلوچستان ۾ اهو تمام وڏو انساني الميو آهي، جيڪو گذريل 20 سالن کان بلوچستان ۾ جاري آهي.گم ٿيل سمورن ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن تي الزام آهي ته کيس عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.