ڪراچي (رپورٽر) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 96هين سالگرهه جي موقعي تي زرداري هائوس ڪراچي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، پيپلزپارٽي عورتن جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر شهيد ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، زرداري هائوس ڪراچي ۾ تقريب ۾ فريال ٽالپر سان گڏ نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، سعيد غني، صادق عمراڻي ۽ شاهده رحمان به ڪيڪ ڪاٽيو، ان موقعي تي سعديه جاويد، ندا کهڙو، شاهينه شير علي، نعمان شيخ، جاويد ناگوري ۽ شفقت سومرو به موجود هئا.
ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، مبينا مقابلي ۾ ڦورو مارجي ويو
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو سي ٽي ڊي انويسٽيگيشن ٽيم ڳجهي اطلاع تي يونيورسٽي روڊ شيخ زيد سينٽر پهتي ته اي ٽي ايم ٻاهر ڦر دوران ڦورن فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو سندس ٻئي ساٿي کي گرفتار ڪري ورتو۔جوابدارن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، مارجي ويل جوابدار مٿان پهرين به 3 ڪيس داخل ٿيل آهن جوابدار بينڪ جي ٻاهران شهرين کان ڦر لٽ ۾ ملوث آهن .
حسنين مرزا ۽ حسام مرزا جي رٽرننگ آفيسر جي فيصلي جي خلاف اپيل تي نوٽيس جاري
ڪراچي (م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل ذوالفقار مرزا جي پٽن حسينن مرزا ۽ حسام مرزا جي رٽرننگ آفيسر جي فيصلي جي خلاف اپيل تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته رٽرننگ آفيسر حسينن مرزا ۽ حسام مرزا جي امڙ تي ڊفالٽر هجڻ جي الزام تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا، جسٽس ارشد حسين خان پڇاڻو ڪيو ته ڇا قانون ۾ اهڙي گنجائش آهي. جو والدين تي الزام جي صورت ۾ پٽ اليڪشن نٿو وڙهي سگهي، حسنين مرزا جي وڪيل چيو ته قانون ۾ اهو ڪاٿي ناهي لکيل ته والدين تي الزامن جي ذميوار اولاد هوندي، اليڪشن ٽربيونل اين اي 233 تي آزاد اميدوار جي اپيل تي وري به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ٽربيونل ڪل 23 اپيلن تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نئين جوڙ جڪ جي منظوري
اسلام آباد (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نئين سرجوڙ جڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم پاڪستان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو چيئرمين هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ ٽي وفاقي وزير ڪائونسل جا ميمبر هوندا، نگران ناڻي وارو وفاقي وزير، نجڪاري وزير ۽ قانون ۽ انصاف وارو وزير ڪائونسل ميمبر هوندا،صدر منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 153 موجب ڏني.
چيئرمين سينيٽ سرتاج عزيز بابت لفظ ڪارروائي مان ختم ڪري ڇڏيا
اسلام آباد (م ڊ) چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي دوست محمد جا سرتاج عزيز بابت لفظ ختم ڪري ڇڏيا، جمعي تي سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽ احساق ڊار چيو ته دوست محمد جا سرتاج عزيز بابت لفظ ختم ڪري ڇڏيو، دوست محمد جيڪي ڳالهيون ڪيون گهڻيون ڳالهيون منهنجي ڄاڻ نه هيون.هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته مناسب ناهي ته ڪنهن سان ناانصاف ٿي، هن چيو تمان اعظم نذير تارڙ کي به ياد ڏيارڻ چاهيندس ته هو هي معاملو ڏسي ۽ نگران حڪومت کي چئي سگهجي ٿو. مان سمجهان ٿو ته ماڻهن کي حق ملڻ گهرجي. چيئرمين سينيٽ دوست محمد جا سرتاج عزيز بابت لفظ ختم ڪري ڇڏيا، سينيٽ احساق ڊار ٻڌايو ته گلوبلي اسان جو سوشل سيڪٽر تي تمام گهٽ خرچ آهي، احساق ڊار چيو ته سمورن صوبن جي هتي نمائندگي آهي. صوبن جا وسيلا انهن وٽ آهن، سينيٽ احساق ڊار چيو ته وزيراعظم هجڻ بهتر آهي. صوبي ۾ چيف منسٽر هجي صوبا گڏجي وفاق حڪومت سان طئي ڪن ته صحت ۽ تعليم تي خرچ ۾ ڪيترو اضافو ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ حماس جي ترجمان خالد قدومي سينيٽ اجلاس دوران گيلري ۾ موجود هو. سينٽر مشاهد حسين سيد چيو ته اسان کي فلسطيني ڀائرن تي فخر آهي. پاڪستان فلسطيني عوام جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. سينٽر مشتاق احمد چيو ته اسرائيل ڪنهن پرڏيهي قانو کي ڪجهه نٿو سمجهي، او آءِ سي پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪري، او آءِ سي پبلڪ هينيئرنگ ڪري آمريڪا اسرائيل کي سپورٽ ڏني آهي. عالمي برادري ان جو نوٽيس وٺي.