ملتان ( م ڊ ) اڳوڻو صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جو چيئرمين آصف علي زرداري ٻن ڏينهن جي دوري تي ملتان پهچي ويو. اڳوڻو صدر بلاول هائوس ملتان ۾ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو ۽ پيپلز پارٽي ڏکڻ پنجاب جي اجلاس جي صدارت ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ٽڪيٽن جو به فيصلو ڪندو.
-
چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جو اهم اجلاس
ڪراچي( رپورٽر ) چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي جي سلسلي ۾ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اهم اجلاس چيف سيڪريٽري جي آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ 08 جنوري کان شروع ٿيندڙ ستن ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري مهم جي تياري، عملدرآمد ۽ ورڪرن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ سيڪريٽري گهرو محمد اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي محمد سليم راجپوت، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند، سيڪريٽري صحت منصور عباس رضوي، ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ ارشاد علي سوڍر، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او جي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي، جڏهن ته سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پوليو وائرس جي گڏيل صورتحال ۽ ان جي روڪٿام جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر ارشاد علي سوڍر ٻڌايو ته 2023ع ۾ سنڌ صوبي ۾ پوليو جا 2 ڪيس سامهون آيا ۽ ٻئي ڪيس ڪراچي ڊويزن مان رپورٽ ٿيا، جنهن جو خدشو آهي ته هاڻي ڪراچي ۾ پوليو مهم کي اثرائتي انداز ۾ هلايو ويندو. ارشاد علي سوڍر وڌيڪ ٻڌايو ته پوليو مهم لاءِ عملي جي تربيت ۽ سيڪيورٽي پلان مڪمل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم چيو ته پوليو خلاف مهم کي موجوده هاءِ رسڪ يونين ڪائونسلن ۾ موثر انداز ۾ شروع ڪيو وڃي ته جيئن خاطر خواه نتيجا حاصل ڪري سگهجن.
-
سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران پروفيسر ڊاڪٽر راشده ارتفاق کي ايمبيسيڊر مقرر ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي( رپورٽر )سنڌ فوڊ اٿارٽي ڪراچي يونيورسٽي جي عورت پروفيسر ڊاڪٽر راشده ارتفاق کي سينيئر ترين فوڊ اينڊ هائيجين ايمبيسيڊر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عورت پروفيسر ڊاڪٽر راشده ارتفاق گذريل پنجاهه سالن کان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جا فرض انجام ڏئي رهي آهي. ڊاڪٽر راشده ارتفاق يونيورسٽي جي شاگردن کي فوڊ هائيجين جي اصولن بابت آگاهي ڏيندي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر راشده ارتفاق کي فوڊ اينڊ هائيجين سفير مقرر ڪرڻ جي شاندار تقريب 9 جنوري تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ منعقد ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊاڪٽر راشده ارتفاق کي سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران شيلڊ پڻ پيش ڪئي ويندي.
-
عام چونڊن لاءِ پولنگ اسٽيشنن جي ڊرافٽ لسٽ لڳائي وئي: ترجمان
ڪراچي (رپورٽر)صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته عام چونڊن لاءِ پولنگ اسٽيشنن جي ڊرافٽ لسٽ سنڌ جي سمورن رٽرننگ آفيسرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي آفيسن ٻاهران لڳائي وئي آهي، سمورن اميدوارن کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڊرافٽ پولنگ اسٽيشنن تي ڪو به اعتراض يا تجويز هجي ته لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ڊي آر او آفيس ۾ جمع ڪرايو.
-
ناڻي جي مٽا سٽا ذخيرن ۾ اضافو رڪارڊ: اسٽيٽ بينڪ
ڪراچي (م ڊ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته ملڪي ناڻي جي مٽاسٽا ذخيرن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ موجب ملڪي ناڻي جي مٽا سٽا ذخيرن ۾ سال 2023 جي آخري ڪاروبار هفتي ۾ 36 ڪروڙ 49 لک ڊالرز وڌيا، اسٽيٽ بينڪ ٻڌايو ته اضافي بعد 29 ڊسمبر تائين ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيره 13 ارب 22 ڪروڙ ڊالرز رهيا.