اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان کان ماهه رنگ بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾لانگ مارچ ڪري اسلام آباد پهتل بلوچ عورتن، ٻارڙن ۽ ٻڍن جو ڌرڻو جاري آهي، جڏهن ته رياست کي ڳالهين لاءِ ماهه رنگ جو ڏنل 7 ڏينهن جو مدو ختم ٿي ويو آهي، ماهه رنگ جو چوڻ آهي ته رياست يا حڪومت جو ڪو به نمائندو ڳالهين لاءِ نه پهتو آهي، اسلام آباد پوليس بار بار هراسان ڪري رهي آهي، ان ڪري شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو هو، بي بي سي موجب جڏهن پوليس سان رابطو ڪيو ويو ته ترجمان جو چوڻ هو ته جيترو ٿي سگهي ٿو بلوچ مظاهرين سان سهڪار ڪري رهيا آهيون، پوري ڪوشش آهي ته ڪو ٽيون ڪا شرارت نه ڪري، ان حوالي سان افرا سياب خٽڪ جو چوڻ آهي ته اسلام آباد يا وفاق جي سوچ نگران وزير اعظم جي ڳالهين مان واضح آهي، انوار ڪاڪڙ جون ڳالهيون افسوسناڪ آهن، سندس ڳالهين سان ڪاوڙ وڌندي ۽ عوام ۽ وفاق ۾ويڇا وڌندا، جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات جي نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه سياسي گروهه بلوچ مظاهرين کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، بلوچ مظاهرين وٽ هلي ويو هئس آئنده به وڃڻ لاءِ تيار آهيان، جڏهن ته ماهه رنگ جو چوڻ آهي ته ڳالهيون ان وقت فائديمند ٿينديون جڏهن سنجيدگي ڏيکاري ويندي، هن چيو ته ايندڙ قدم گڏيل قومن جي آفيس آڏو احتجاج ڪرڻ هوندو. احتجاجي ڪئمپ ۾موجود شائسته بلوچ چيو ته رياست جي خلاف نه آهيون، بلوچستان مخالف پاليسيءَ جي خلاف آهيون، منهنجو مطالبو آهي ته چاچي ۽ ڀاءُ سميت کنڀي گم ڪيل سمورن بلوچن کي آزاد ڪيو وڃي.