سازش تحت سنڌين جي پيرن ھيٺان زمين کسي پئي وڃي: لال جروار

حيدرآباد/ ٺٽو (نمائندن وٽان) زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف جدوجهد تيز، عوامي  تحريڪ طرفان اڄ دادو ۾ اعلانيل بک هڙتال جي تياري مڪمل ۽ 7 جنوري تي ٻگهاڻ کان ڳاڙهو تائين ٿيندڙ پنڌ مارچ جون تياريون به زور شور سان جاري آهن، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار سنڌ جي ناليواري اديب جامي چانڊيو، عوامي ورڪرس پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري جنرل بخشل ٿلھو، شاعر ۽ ليکڪ مير حسن آريسر ناليواري صحافي دستگير ڀٽي، سنڌ صحافي اتحاد جي سربراهه نعمت کھڙو، لکيڪ ادريس لغاري، سماجي اڳواڻ نور محمد بجير کي دعوتون ڏنيون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر مرڪزي اڳواڻ گھنور خان زئور ۽ ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مھيسر پنهنجي گڏيل پريس بيان چيو ته سنڌ جو زمينون ۽ وسيلا صوبائي ملڪيت آھن جن تي وفاقي ادارن طرفان قبضا ڪري سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙو ھڻي سنڌين جي پيرن ھيٺان زمين کسي پئي وڃي، نگران سرڪار جو ڪم صرف صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ آھي، آئين تي عملداري ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي، سنڌ اصلوڪن ڌرتي ڌڻين کي زمينن تان بجي ي دخل ڪرڻ انساني حقن جي به ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته مرڪزي اڳواڻ گھنور خان زنئور سماجي اڳواڻ الھجوڙيو برفت، ابراھيم حيجب، ٺٽي پريس ڪلب جي صدر اقبال جاکرو، فشر فوڪ جي گلاب شاھ، سنڌي ادبي سنگت جي رمضان ميمڻ ۽ ٻين کي "ٺٽي ضلعي جون زمينون، ڪينجھر، ھاليجي، ڀنڀور، ڪوھستان ۽  سامونڊي پٽي  بچايو احتجاجي مارچ” جي عنوان سان ٻگهاڻ کان ڳاڙهو تائين ٿيندڙ پنڌ مارچ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.