پارليامينٽ کان سواءِ تاحيات نااهلي ڇو، آمرن پاڻ لاءِ صادق، امين شرط ڇو نه رکيو؟

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پارليامينٽ ميمبرن جي تاحيات نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا ته فوجي آمر عوام کي چونڊ ڊوڙ کان ٻاهر رکڻ لاءِ مرضي جا اپاءَ وٺندا آهن. هن چيو ته هڪ آمر اچي ٿو ۽ چوي ٿو ته ڊگري لازمي آهي ۽ ٻيو چوي ٿو ته صادق   امين هجڻ ضروري آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊڪٽيٽر پنهنجي لاءِ صادق ۽ امين جو شرط ڇو نه رکيو؟ چيف جسٽس درخواستگذار سجاد الحسن جي وڪيل خرم رضا کي چيو ته اوهان فوجي آمر سامهون ڪا ڳالهه ناهيو ڪندا. چيف جسٽس چيو ته جنسي ڏاڍائي ڪندڙ اليڪشن وڙهندو آهي پر سول ڪيس کي منهن ڏيڻ واري کي سڄي زندگي سياست کان نااهل ڪيو ويندو آهي. هڪ ٻئي وڪيل پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته فوجي آمرن آئين ۾ ترميمون ڪيون پر ان کانپوءِ چونڊيل پارليامينٽ به ان ترميم جي خلاف نه وئي، ان ڪري الزام رڳو ڊڪٽيٽرن تي نه ٿو لڳائي سگهجي. چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته توهان صحيح ٿا چئو. چونڊون ٿيڻ واريون آهن، اسان کي اهو مسئلو حل ڪرڻو آهي، سياستدان عوام جا چونڊيل نمائندا هوندا آهن، آمرن ۽ سياستدانن کي گڏ نٿو پرکي سگهجي، آمر آئين ٽوڙي حڪومت ۾ ايندو آهي، چونڊجي ناهي ايندو.ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته جڏهن قانون اچي چڪو آهي ۽ نااهلي پنجن سالن جي ٿي چڪي آهي ته تاحيات نااهلي جي ڳالهه ڪيئن قائم رهندي؟ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سياستدانن جي تاحيات نااهلي بابت سوال تي رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن تاحيات نااهل ڪري سگهي ٿو ته اختيار سپريم ڪورٽ وٽ به هوندو. آمرن پاڻ لاءِ صادق، امين شرط ڇو نه رکيو؟ سياستدانن جي نااهلي بابت اليڪشن ايڪٽ هلندو يا سپريم ڪورٽ فيصلو؟، آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح جي ڪيس جي ٻڌڻي لائيو سپريم ڪورٽ ۾ جاري رهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ست رڪني لارجر بئنچ 62 ون ايف تحت نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي به لارجر بئنچ جو حصو آهن. ٻڌڻي دوران درخواستگذار فياض احمد غوري ۽ سجاد الحسن جي وڪيل خرم رضا عدالتي اختيار بابت سوال اٿاريندي چيو ته سپريم ڪورٽ هي ڪيس ڪهڙي دائره اختيار تحت ٻڌي رهي آهي؟ ڇا آرٽيڪل 187 تحت سڀ اپيلون گڏ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون. چيف جسٽس وڪيل خرم رضا سان ڳالهه ڪندي چيو ته اوهان پنهنجي درخواست تائين محدود رهو، جنهن تي خرم رضا چيو ته عدالت ڪيس جي ڪارروائي 184 ٽي تحت ٻڌي رهي آهي يا 187 تحت؟ آرٽيڪل 62 ۾ ڪورٽ آف لا جي تعريف ناهي ٻڌائي وئي. وڪيل خرم رضا چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف جي ڊڪليئرشن ڏيڻ جو اختيار اليڪشن ٽربيونل جو آهي، آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ ڪورٽ آف لا لکيل آهي سپريم ڪورٽ نه، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته بهتر ٿيندو ته اسان کي اليڪشن ٽربيونل جي اختيار طرف نه وٺي وڃو، آرٽيڪل 62 ون ايف ڪورٽ آف لا جي ڳالهه ڪري ٿو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آرٽيڪل 99 هاءِ ڪورٽ کي آرٽيڪل 184 ٽي سپريم ڪورٽ کي اختيار ڏي ٿو، سوال اِهو آهي ته ڇا آرٽيڪل 62 ون ايف سپريم ڪورٽ کي ڪو اختيار ڏي ٿو؟ . چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڪيئن ڊيڪلريشن ڏئي سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ کي اِهو اختيار ڪيئن حاصل ٿيو، ڇا سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ون ايف جو سڌي ريت ڪورٽ آف لا جي اختيار جو استعمال ڪري سگهي ٿي، ڇا اليڪشن ڪميشن ٽربيونل تاحيات نااهلي به ڪري سگهي ٿو، سوال اِهو آهي ته نااهلي تاحيات ٿيندي اِهو ڪٿي لکيل آهي؟ نااهلي تاحيات وارو اصول تي سميع الله بلوچ ڪيس ۾ طئي ڪيو ويو، جيڪڏهن اسان سميع الله بلوچ ڪيس ۽ سيڪشن 232 کي غلط چئون ته نااهلي هڪ ڏينهن به نه رهندي، ڪير سچو آهي يا نه اِهو اصول ته ٽرائل کانپوءِ ئي طئي ٿي سگهي ٿو، اسلام ۾ ته توبهه ۽ صراط المستقيم تي واپس اچڻ جو رستو موجود آهي.چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن سياستدانن کي تاحيات نااهل ڪري سگهي ٿو ته پوءِ اهي اختيار سپريم ڪورٽ وٽ به هوندا. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پارليامينٽ ميمبرن جي تاحيات نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا ته فوجي آمر عوام کي چونڊ ڊوڙ کان ٻاهر رکڻ لاءِ مرضي جا اپاءَ وٺندا آهن. هن چيو ته هڪ آمر اچي ٿو ۽ چوي ٿو ته ڊگري لازمي آهي ۽ ٻيو چوي ٿو ته صادق ۽ امين هجڻ ضروري آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊڪٽيٽر پنهنجي لاءِ صادق ۽ امين جو شرط ڇو نه رکيو؟ چيف جسٽس درخواستگذار سجاد الحسن جي وڪيل خرم رضا کي چيو ته اوهان فوجي آمر سامهون ڪا ڳالهه ناهيو ڪندا. چيف جسٽس چيو ته جنسي ڏاڍائي ڪندڙ اليڪشن وڙهندو آهي پر سول ڪيس کي منهن ڏيڻ واري کي سڄي زندگي سياست کان نااهل ڪيو ويندو آهي. هڪ ٻئي وڪيل پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته فوجي آمرن آئين ۾ ترميمون ڪيون پر ان کانپوءِ چونڊيل پارليامينٽ به ان ترميم جي خلاف نه وئي، ان ڪري الزام رڳو ڊڪٽيٽرن تي نه ٿو لڳائي سگهجي. چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته توهان صحيح ٿا چئو. چونڊون ٿيڻ واريون آهن، اسان کي اهو مسئلو حل ڪرڻو آهي، سياستدان عوام جا چونڊيل نمائندا هوندا آهن، آمرن ۽ سياستدانن کي گڏ نٿو پرکي سگهجي، آمر آئين ٽوڙي حڪومت ۾ ايندو آهي، چونڊجي ناهي ايندو.ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته جڏهن قانون اچي چڪو آهي ۽ نااهلي پنجن سالن جي ٿي چڪي آهي ته تاحيات نااهلي جي ڳالهه ڪيئن قائم رهندي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.