شيخ رشيد، اعجازالحق ۽ ٻين جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا

اسلام آباد (م ڊ ) شيخ رشيد، فردوس شميم نقوي ۽ اعجازالحق جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن، اليڪشن ٽربيونل عوامي مسلم  ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جا اين اي 56 ۽ 57 تان نامزدگي فارم منظور ڪري ورتا آهن. اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس مرزا وقاص رئوف  نامزدگي ڪاغذن  تي اعتراضن خلاف اپيل تي ٻڌڻي هلائي، اليڪشن ٽربيونل شيخ رشيد جي ڪاغذن تي آر او جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا. شيخ رشيد چيو آهي ته مون کي نااهل قرار ڏيڻ جي سازش ناڪام ٿي وئي، مان خانداني هئڻ سان گڏ اصلي ۽ نسلي آهيان،اڄ ڏينهن تائين نه ڪنهن جي عزت سان کيڏيو آهيان نه ڪنهن جي خلاف ڪو بيان ڏنو آهي. راولپنڊي جي اليڪشن ٽربيونل اعجاز الحق جي ڪاغذن تي آر او جا اعتراض  رد ڪري اين اي 55 تان سندس نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ڇڏيا، اين اي 236  ڪراچي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي جا به نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.