اسٽيٽ بئنڪ مرزا ڪٽنب جي سهولتڪاري ڪري رهي آهي: سعيد غني

ڪراچي ( رپورٽر ) پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن فهميده مرزا کي نوٽيس ڏنو ۽ جواب وري اسٽيٽ بئنڪ ڏنو. بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا ڪاغذ رد ڪيا ويا، جڏهن به ڪو اميدوار ڪاغذ جمع ڪرائيندو آهي ته آر او سمورن ادارن کي موڪليندو آهي، سمورا ادارا ريٽرننگ آفيسر ڏانهن تفصيل موڪليندا آهن. سعيد غني چيو ته فهميده مرزا ڪاغذن ۾ ڪٿي به پنهنجي قرضن جو ذڪر ناهي ڪيو، هن ڪاغذن ۾ قرضن جو ذڪر نه ڪري حقيقتون لڪايون آهن، مرزا شوگر ملز جيڪو قرض ورتو اهو ادا نه ڪري سگهي، ادائيگي نه ڪرڻ ته بئنڪ سندن خلاف عدالت وئي. هن چيو ته بدين شوگر مل جو 35 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو قرض واپس ڪرڻو آهي، اسٽيٽ بئنڪ مرزا خاندان جي بچاءَ لاءِ اچي ٿي، ان جو ان معاملي سان ڪو به تعلق ناهي، اسٽيٽ بئنڪ اليڪشن ڪميشن کي پهرين جنوري موڪل واري ڏينهن خط لکي ٿي، خط ۾ اسٽيٽ بئنڪ چوي ٿي قرض فهميده مرزا ڏانهن ناهي ڪمپني ڏانهن آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته سوال اهو آهي ته ڇا اسٽيٽ بئنڪ جو ڪم آهي ڪنهن کي سهولت فراهم ڪرڻ، جيڪڏهن ڪجهه لڪايو وڃي ته دستاويز رد ڪيا وڃن. فهميده مرزا قرض جي معلومات لڪائي ڇڏي، جنهن بئنڪ جو قرض آهي ان ۾ فهميده مرزا ضامن آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر مرزا خاندان جي سهولت لاءِ موڪل واري ڏينهن خط لکيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.