گذريل ڏھاڙي عوامي آواز اخبار ۾ غلام حسين جوڻو جو ھڪ مضمون
” سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان سخت مقابلي ٿيڻ جا امڪان“ شايو ٿيو آهي جنھن کي مڪمل پڙھڻ کان پوءِ زمين پيرن هيٺان نڪري وئي سائين جن جي ي ياداشت ڪمزور ٿي چڪي آهي يا ڄاڻي واڻي اھڙيون ڳالھيون ڪري لکيون آھن جنھن سان سائين جن جي وڏي ڀوتار جي بنگلي واري ڊيوٽي محفوظ رھي سگھي
سائين جن لکيو آهي ته سنڌ اندر ايندڙ مھيني اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي سان سخت مقابلي ٿيڻ جا امڪان آھن جنھن کي سائين جن واضح ڪري ناھي لکيو ته ڪيئن مقابلو آھي ڪٿي ڪٿي مقابلو ٿيندو ؟ سواءِ ھڪ ٻن تڪن يا پنھنجي اباڻي ضلعي نواب شاھ جي سياسي صورتحال کان سواءِ ڪا مضبوط راءِ پيش ناھي ڪري سگھيو جنھن جي ڪري دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه سائين جن کي سندس شاگرد جي حيثيت ۾ کيس تفصيل سان جواب پيش ڪيان ته ماضي ۽ مستقبل جي سياسي صورتحال ڇا ھوندي پھرين ڳالهھ ته سنڌ اندر پيپلز پارٽي جو جي ڊي اي اتحاد سان قومي اسيمبلي جي صرف ٽن سيٽن تي نارمل مقابلي ٿيڻ جا امڪان آھن جنھن ۾ گذريل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ٽن سيٽن مان 2 سيٽون حاصل ڪيون هيون ھڪ سيٽ تي کيس شڪست نصيب ٿي ھئي ھن واري جيڪا صورتحال نظر اچي رھي آھي ته سنڌ اندر انھن ساڳين سيٽن تي نارمل مقابلي ٿيڻ جا امڪان آھن جنھن ۾ بدين مان فھميدا مرزا واري سيٽ جيڪا گذريل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي حاجي رسول بخش چانڊيو 800 ووٽن تان ھارائي ويو ھو ھن دفعي اُھا ساڳي سيٽ پيپلز پارٽي کي ملڻ جا امڪان آھن مورو مان غلام مرتضي جتوئي واري قومي اسيمبلي جي سيٽ جتي گذريل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي ذوالفقار بھڻ ڪاميابي حاصل ڪري غلام مرتضي جتوئي کي شڪست ڏني ھئي.
لاڙڪاڻي مان راشد سومرو ۽ بلاول ڀٽو جو ٽڪر ٿيندو جتي ھميشھ پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪندي رھندي آھي ھن دفعي به ھڪ دفعو وري پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو ڪاميابي حاصل ڪندو باقي سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو جي ڊي اي اتحاد سان ڪو خاص مقابلو ناهي امڪان آھن ته ھن دفعي جي ڊي اي اتحاد کي قومي اسيمبلي جي ھڪ به جنرل سيٽ نه ملي سگھي ٻيو سائين جن خيرپور جي لاءِ لکيو آهي ته غوث علي شاھ جي ڊي اي ۾ شامل ٿي چڪو آهي جتي پير پاڳاري جا ذاتي ووٽ ۽ غوث علي شاھ جي اڪثريت پيپلز پارٽي کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ويندي جنھن کي پڙھي ڪجھه دير جي لاءِ سوچڻ لڳس ته ھي ڇا لکيو ويو آهي غوث علي شاھ پيپلز پارٽي کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ويندو خير ھر ڪنھن ليکڪ جي پنھنجي راءِ آھي پر حقيقت ڪجھه ھن ريت آهي ته غوث علي شاھ پھريون دفعو نه پر گذريل ٻن اليڪشن کان جي ڊي اي جو حصو رھيو آھي جنھن ۾ ٻئي ڀيرا کيس شڪست نصيب ٿي آهي ھن دفعي به ائين ئي ٿيندو ساڳئي طرح غوث علي شاھ کي شڪست ٿيندي.
ليکڪ جيڪو پنھنجي اباڻي ضلعي نواب شاھ جي سياست متعلق لکيو آهي ھي آصف علي زرداري جو اباڻو ضلعو ھجڻ ڪري ھميشھ ھتي مقابلو ٿيندو رھيو آھي جنھن کي پڙھڻ سان ڪافي دير تائين کلندو رھيس ته ليکڪ نواب شاھ ضلعي جي سياست سان سياست ڪري رهيو آهي باقي حقيقت بيان ڪرڻ کين وسري وئي اٿس ته گذريل اليڪشن ۾ اصل حقيقت ڇا ھئي ۽ ھن دفعي سياسي صورتحال ڇا ھوندي سائين جن پنھنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته نواب شاھ ضلعي ۾ پيپلز پارٽي اميدوارن جي اڳيان سگھارا اميدوار ھوندا آھن جيڪي اڪثريت سان ووٽ کڻندا آھن پر حقيقت ڪجهھ ھن ريت آهي ته گذريل ٻن اليڪشن ۾ سڪرنڊ جي صوبائي تڪ تي پيپلز پارٽي جي اميدوار سامھون زين شاھ ڪجهھ مضبوط اميدوار ھوندو آھي باقي نواب شاھ ضلعي جي ڪنھن به تڪ تي پيپلز پارٽي اميدوارن جي سامھون ڪو مضبوط اميدوار ئي نه ھوندو آھي جيڪو پيپلز پارٽي جي اميدوارن جو سخت مقابلو ڪري سگھي.
وڏي ڳالهھ ته ليکڪ صاحب سڪرنڊ جي صوبائي تڪ جي حوالي سان لکيو آهي ته ھميشھ ھِن سيٽ تي مقابلو ٿيندو آهي ۽ ايندڙ مھيني اليڪشن ۾ پڻ ساڳي صوبائي سيٽ تي سخت مقابلي ٿيڻ جا امڪان آھن جنھن ۾ پيپلز پارٽي طرفان غلام قادر چانڊيو اميدوار ھوندو ۽ جي ڊي اي طرفان ٿي سگھي زين شاھ اميدوار ھجي سڪرنڊ جي ھِن صوبائي تڪ جي زميني حقيقت ھي آهي ته گذريل ٻن اليڪشن ۾ زين شاھ جو مقابلو پيپلز پارٽي جي اميدوار غلام قادر چانڊيو سان ٿيو آهي جنھن ۾ غلام قادر چانڊيو وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي ائين کڻي چئجي ته ھن سيٽ تي ڪو مقابلو نه پر عام تڪن وانگر ساڳيو ماحول ھوندو آھي تفصيل ڪجھه ھن ريت آهي ته 2013ع جي اليڪشن ۾ غلام قادر چانڊيو 9 ھزار جي ليڊ تان ڪاميابي حاصل ڪري زين شاھ کي شڪست ڏني ھئي جڏھن ته ان کان پوءِ 2018ع جي اليڪشن ۾ ساڳئي صوبائي تڪ تي غلام قادر چانڊيو 25 ھزار جي ليڊ تان ڪاميابي حاصل ڪري زين شاھ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ھو جنھن کي ليکڪ مقابلي جو رنگ ڏئي سائين جن وڏي ڀوتار جي بنگلي واري ڊيوٽي پڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر سائين جن کان حقيقت بيان ڪرڻ شايد وسري وئي آهي جيڪڏهن ايندڙ مھيني اليڪشن جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ھن صوبائي تڪ تي پيپلز پارٽي جي اميدوار غلام قادر چانڊيو جي ڪارڪردگي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ بھتر رھي آھي. تڪ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ھجن روڊ رستن جا ڄار وڇايل ھجن يا غريبن مسڪينن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ مخالف اميدوارن جي مقابلي ۾ غلام قادر چانڊيو سڀني کان اڳتي نظر اچي ٿو جنھن سبب کيس تڪ واسين سندن مٿان اعتماد ڪري لڳاتار چار دفعا ڪامياب ڪري اسيمبلي ۾ موڪليو آهي.
موجوده حالتن ۾ پڻ ساڳي صورتحال نظر اچي رھي آھي ته ھن دفعي به سڪرنڊ واسي پيپلز پارٽي جي صوبائي توڙي قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن کي ڪامياب ڪري ايوان م موڪليندا باقي ڪو اميدوار 25 ھزار جي ليڊ تان ڪاميابي حاصل ڪري ٿو ان کي مقابلو چوڻ ووٽرن جي توھين آھي منھنجي نظر ۾ مقابلو ان سيٽ تي ھوندو آھي جتي سامھون وارو اميدوار ھزار ٻِن ھزارن جي ووٽ تان ھارائي باقي ھتي ته 25 ھزار جي ليڊ تان ھارائڻ کان پوءِ به مقابلو چوڻ مناسب عمل ناھي جنھن جي ڪري هن دفعي پڻ ساڳي صوبائي توڙي سڪرنڊ قاضي احمد جي قومي اسيمبلي جي تڪ تي ڪو وڏو مقابلو نه پر عام تڪن وانگر اليڪشن ٿيڻ وڃي رھي آھي جنھن ۾ امڪان آھن ھڪ دفعو ٻيھر پيپلز پارٽي جا ساڳيا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندا.