ڪراچي ۾ باهه جو ٻيو واقعو، 25 کان وڌيڪ دڪان سڙي خاڪ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ باهه جو ٻيو واقعو، 25 کان  وڌيڪ دڪان سڙي رک ٿي ويا، ڪراچي ۾ باهه جو ٻيو واقعو پيش آيو ، گلزار هجري ۾ پراڻي فرنيچر مارڪيٽ ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، ڪيترائي ئي دڪان سڙي رک ٿي ويا، دڪان مالڪن جو چوڻ آهي مارڪيٽ طرف ڪنهن ڦٽاڪو اڇلايو جنهن جي ڪري باھ لڳي وئي، فائر برگيڊ دير سان پهتي، باهه لڳڻ سبب بازار ۾ موجود 50 کان وڌيڪ دڪانن  سڙي رک ٿي ويا، سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز انوربلوچ جو چوڻ هو ته فائر برگيڊ جو عملو وقت تي پهتو، جنهن ڪري نقصان گهٽ ٿيو، فائر برگيڊ جي 6 گاڏين جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو، في الحال باهه لڳڻ جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.