ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڀينس ڪالونيءَ ۾ اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل ۽ حساس ادارن جي ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري گڏاپ جي واپاري کي اغوا ڪري ڀنگ وٺندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سندس چوڻ هو ته جوابدارن واپاري حارث کي اغُوا ڪري گهر جي ٽانڪي ۾ قيد ڪري رکيو هو، پوليس موجب جوابدارن مغوي جي وارثن کان 88 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ 19 لک رپيا روڪ رقم هٿ ڪئي وئي .