پي ٽي آءِ اڳواڻ ايمان طاهر پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار

پشاور (م ڊ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ايمان طاهر کي پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، پشاور پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي طاهر صادق جي ڌيءَ ايمان طاهر کي عدالت ٻاهران گرفتار ڪري ورتو. پي ٽي آءِ اڳواڻ ايمان طاهر کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، هوءَ راهداري ضمانت جي لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ آئي هئي. پشاور هاءِ ڪورٽ ايمان طاهر جي راهداري ضمانت منظور ڪئي هئي ۽ هن کي هڪ هڪ لک رپين جا ٻه نقدي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته لکت وارو حڪم نه ملڻ تي عدالت کان ٻاهر نڪتي ته پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.