ڪراچي ۾ ڪارروائي، ٽيڪس چوري جي الزام ۾ فيڪٽري مالڪ گرفتار

حيدرآباد(رپورٽر) ان لينڊ روينيو ريجنل ٽيڪس آفيس حيدرآباد ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي سيلز ٽيڪس فراڊ جي الزام ۾ هڪ خانگي  ڪمپني جي مالڪ گرفتارکي گرفتار ڪري ورتو آهي. خانگي ڪمپني جي مالڪ کي ڊپٽي ڪمشنر ان لينڊ روينيو اختر حسين سيلز ٽيڪس فراڊ جي سيڪشن(37) 2 تحت مبينا طور تي ملوث هجڻ تي گرفتار ڪيو. جوابدار 600 ملين روپين کان وڌيڪ ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ڄاڻايو ويو آهي جڏهن ته ٻين فراڊ جي ڪيس ۾ پڻ ملوث ٻڌايو پيو وڃي. ڪارروائي چيف ڪمشنر ان لينڊ روينيو ريجنل ٽيڪس آفيس حيدرآباد محمد فاروق اعظم ميمڻ جي هدايت تي ڪئي وئي. ڪسٽم عملدارن موجب خانگي ڪمپني سيلز ٽيڪس فراڊ جي سرگرمين، جعلي، ڪوڙا ۽ فلائنگ انوائسز استعمال ڪري ٽيڪس چوري ۾ ملوث هئي. ذريعن موجب گرفتار جوابدار کي اسپيشل جج ڪسٽمس ٽيڪسيشن اينڊ اينٽي اسمگلنگ ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪري 7 ڏينهن جو رمانڊ ورتو ويو آهي. ڪسٽم عملدارن موجب جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي گرفتار ڪيل بيٽريون ٺاهيندڙ هڪ ڪمپني جو مالڪ آهي، سندس نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته جاري ڪيل تصوير ۾ به سندس چهري کي لڪايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.