ٺل (رپورٽ: محمد حيات ڪنڊراڻي) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بلوچ ڪالوني مان پي ايس ٺل ٽو جي جي ڊي اي اميدوار ايڊووڪيٽ روشن ڪنڊراڻي ۽ پريس ڪلب ٺل جي سينيئر نائب صدر قربان بلوچ جي ڀائيٽي پرائمري ماستر 30 ورهين جي اڪبر علي پٽ عبدالواحد ڪنڊراڻي کي جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪري لاش خالي پلاٽ تي اڇلائي ڇڏيو، پوليس ۽ وارثن پهچي لاش کي کٽ تي کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، والدين کي بار بار بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا، ٺل پوليس موجب پرائمري استاد جو خالي پيل پلاٽ مان گولي لڳل ۽ تشدد ٿيل لاش هٿ آيو ، جنهن بابت جاچ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو، مقتول جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان اڪبر ڪنڊراڻي صبح سوير نماز پڙهڻ لاءِ ويو ته وري نه موٽيو، جنهن بعد خالي پيل پلاٽ مان لاش مليو آهي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي ،پوليس کي گهرجي ته قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائي نه ته احتجاج ڪنداسين.