جيڪي ماڻهو تاحيات نااهل آهن انهن جو رستو روڪينداسين: گوهر خان

راولپنڊي (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته جيڪي ماڻهو تاحيات نااهل آهن انهن جو رستو روڪينداسين. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اليڪشن اهم عمل آهي، هڪ  پارٽي کي ٻاهر ڪڍڻ سان پارليامينٽ ڪمزور ٿيندي ۽ معيشت ٻڏي ويندي. هن چيو ته عدليه کان درخواست آهي، هن وقت توهان جو ڪردار آهي، لاڳاپيل آر اوز صحيح فيصلا نه ڪيا، پي ٽي آءِ جي 90 سيڪڙو اميدوارن جا ڪاغذ رد ڪيا ويا. بئريسٽر گوهر چيو ته اميد آهي ته 8 فيبروري تي اليڪشن ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.