مانسهره ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره مان نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل داخل ڪئي وئي. وقار خان ايڊووڪيٽ شهري شاهد رفيق جي مدعيت ۾ اپيل داخل ڪئي، نواز شريف جي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل جي ٻڌڻي 5 جنوري تي ٿيندي. اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نواز شريف کي عدالت تاحيات نااهل قرار ڏئي چڪي آهي، ن ليگ اڳواڻ ريٽرننگ آفيسر (آر او) آڏو پيش نه ٿيو آهي. اپيل ۾ مطالبو ڪيو ويو ته نواز شريف کي اين اي 15 مانسهره تان چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي. ٻئي پاسي لاهور مان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ چيلينج ڪيا ويا. شهباز شريف خلاف داخل اپيل ۾ شهري موقف اختيار ڪيو ته ن ليگ صدر سپريم ڪورٽ تي حملي جو ماسٽر مائينڊ آهي. اپيل ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شهباز شريف پنهنجي ڪارڪنن ذريعي سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو، کيس اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو وڃي.