اڳوڻي صدر آصف زرداري جي اڄ لاهور پهچڻ جو امڪاناڳوڻي صدر آصف زرداري جي اڄ لاهور پهچڻ جو امڪان

لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي چيئرمين آصف علي زرداري جو اڄ لاهور پهچڻ جو امڪان آهي. پ پ ترجمان موجب بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندا. پ پ ترجمان موجب اجلاس ۾ پنجاب ۾ ٽڪيٽن جي ورڇ ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 127 تي ننڍي چونڊ تي غور ڪيو ويندو.ترجمان موجب بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري لاهور ۾ پنجاب ۾ ننڍي چونڊ بابت پارٽي حڪمت عملي تي به مشاورت ڪندا. ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري اڄ اڊا پلاٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندو، ان موقعي تي ن ليگ اڳواڻ چوڌري عبدالغفور ميو پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.