هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊاڪٽرن تي ڏنڊ واري فيصلي خلاف درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سول اسپتال ٽراما سينٽر ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب 27 ورهين جي امتياز علي جي فوت ٿيڻ  تي سيشن ڪورٽ پاران هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊاڪٽرن تي 2 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ واري فيصلي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، عدالت ٽراما سينٽر، ڊاڪٽرن، هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ڌرين کي 24 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو، فوتي جي وارثن جو مطالبو آهي ته سيشن ڪورٽ جو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو حڪم بحال ڪيو وڃي، درخواستگذار جو چوڻ آهي ته امتياز علي کي 3 جولاءِ 2007 تي ٽراما سينٽر سول اسپتال ڪراچي ۾ علاج لاءِ آندو ويو، ڊاڪٽرن دماغ جو آپريشن ڪيو پر امتياز علي سار سنڀال نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو، ڊاڪٽرن جي غفلت تي هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي. جاچ کانپوءِ ڪميشن درخواستگذار ڊاڪٽر عادل کتري، ڊاڪٽر عمران جاويد ۽ ٻين تي 2 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو هو، درخواستگذار جو چوڻ آهي ته هيلٿ ڪيئر ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ اسپتال جي بدانتظامي ۽ لاپرواهي جي به نشاندهي ڪئي هئي، سيشن عدالت ڊاڪٽرز ۽ وڪيل جي درخواست تي هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو حڪم بحال ڪري ان تي عمل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.