هن وقت سنڌ ۾ ٻن پارٽين جو سخت مقابلو ٿيندو. ٻئي پارٽيون زور آزمائي واري ڊوڙ ۾ شامل آهن. هڪ پارٽي “پاڪستان پيپلز پارٽي (زرداري گروپ) ٻئي پارٽي ان جي مخالفت ۾ جي ڊي اي آهي. ٻنهي ڌرين جا سڄي سنڌ ۾ اميدوار هڪ ٻئي جي سامهون بيهي ويا آهن.
ايندڙ عام چونڊن ۾ اصل مقابلو پاڪستان پيپلس پارٽي (زرداري گروپ) ۽ جي ڊي اي جي درميان ٿيندو. هونئن ته ٻيون پارٽيون به آهن. جيڪي هن اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيون آهن. جيئن ايم ڪيو ايم ، جمعيت العلماءِ اسلام (ف) ، مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ڪجهه آزاد اميدوار به اليڪشڻ ۾ بيٺا آهن. ڏسجي ته ، ڄاڻايل سياسي پارٽيون ڪنهن سان ٿيون اتحاد ڪن يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري چونڊن ۾ حصو ٿيون وٺن. انهن پارٽين جا اميدوار به سرگرم نظر اچن ٿا. اهي به ننهن چوٽي جو زور لڳائيندا. پوئتي ڪونه هٽندا. جيئن لاڙڪاڻي جي تڪ مان مولانا راشد محمود سومري به فارم ڀرايو آهي. سندس سامهون پاڪستان پيپلز پارٽي جو مضبوط اميدوار بلاول ڀٽو زرداري به ميدان ۾ لٿل آهي. ڄاڻايل تڪ ۾ جمعيت العلماءِ اسلام جو به چڱو خاصو ووٽن جو تعداد آهي جڏهن ته مولانا راشد محمود سومرو به پنهنجو سٺو اثر رسوخ رکي ٿو هن جا حمايتي به گهڻا آهن. سنڌ ۾ اهو هڪ چوٽي جو سخت مقابلو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. اڳواٽ اهو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي ته ڪهڙي پارٽي ڪامياب ٿيندي. ڪهڙو اميدوار سرخرو ٿيندو. تجزيه نگار توڙي عوام مونجهاري جو شڪار آهن. هن وقت ان سلسلي ۾ ڪا راءِ قائم ڪرڻ ڏاڍي ڏکئي ٿي پئي آهي. مونجهاري جو شڪار آهن.
هن وقت ان سلسلي ۾ ڪا راءِ قائم ڪرڻ ڏکئي ٿي پئي آهي. ضلعو شهيد بينظيرآباد (نوابشاهه) ، آصف علي زرداري جو اباڻو ضلعو آهي. جتي پاڪستان پيپلز پارٽي جا اميدوار هميشه کٽيندا رهيا آهن. خاص ڪري تعلقي سڪرنڊ جي صوبائي تڪ تي سخت مقابلو ٿيندو آهي. انهي تڪ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ سيد زين العابدين شاهه المعروف زين شاهه ، پ پ پ جي اميدوار غلام قادر چانڊئي جي درميان مقابلو ٿيندو رهيو آهي. هن ، ڀيري سيد زين شاهه ، جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان بيٺو آهي. پاڻ عوامي سماجي شخصيت آهي. عوام جي مسئلن تي سدائين آواز بلند ڪندو رهي ٿو. PS-38 سڪرنڊ جي تڪ ۾ ووٽرن جو خاصو تعداد اٿس. اڪيلي سر پ پ پ جي اميودارن جي مقابلي ۾ ، ميدان ۾ لهندو آهي. هن ڀيري وڌيڪ مقبوليت ٿي آهيس. جي ڊي اي جو به سهڪار هئڻ ڪري سخت مقابلو ٿيڻ جو امڪان آهي.
آئون سمجهان ٿو ته ، ههڙو سخت مقابلو سنڌ ۾ گهٽ تڪن تي ٿيندو. اهڙي طرح NA-208 جو تڪ ٻن تعلقن تي مشتمل آهي. هن ۾ تعلقي سڪرنڊ ۽ تعلقي قاضي احمد اچي وڃن ٿا. هتي به پ پ پ جو اميدوار کٽيندو رهندو آهي. مسٽر غلام مصطفيٰ شاهه ايم اين اي چونڊبو رهيو آهي. اليڪشن ۾ به چونڊ فارم ڀريو اٿس. سندس مد مقابل سيد زين العابدين (المعروف) سيد زين شاهه آهي. تعلقي سڪرنڊ جي پوزيشن ته مٿي لکي اٿم. پر، قاضي احمد جي تڪ ۾ به سندس ووٽرن جو تعداد گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس پوزيشن کي ڏسندي ايئن ٿو لڳي ته گذريل چونڊن جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري ان سيٽ تي به سخت مقابلو ٿيندو. ٻنهي تعلقن جي پوزيشن چند ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندي. جنهن تي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ الڳ ڪالم لکندس. ياد رهي ته ، ضلعي شهيد بينظيرآباد کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳڙهه ۽ قلعو سمجهيو وڃي ٿو. پر، ان پارٽي جي مقابلي ۾ مضبوط ۽ سگهارا اميدوار بيهن ٿا جيڪي هزارين ووٽ کڻندا رهندا آهن ۽ هن ڀيري اڃا وڌيڪ ووٽ کڻڻ جي توقع آهي. جيڪڏهن مجموعي صورتحال کي ڏسجي ٿو ۽ مبصرين جا تبصرا ٻڌجن ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته پ پ پ جي پوزيشن هن وقت ڪا چڱي ڪونه آهي.
جي ڊي اي ۽ پ پ پ جي اميدوارن جو ، سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به سخت مقابلو ٿيڻ جو امڪان آهي. خيرپور ضلعي ۾ ٻنهي پارٽين جي اميدوارن درميان زور آزمائي ٿيندي. جي ڊي اي جو اڳواڻ سيد غوث علي شاهه (سابقه وزير اعليٰ سنڌ ، وزير قانون ، تعليم ۽ جسٽس) به ڄاڻايل چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. سندس تر ۽ علائقو آهي. سندس ذاتي ڄاڻ سڃاڻ کان علاوه پير سائين پاڳاري جو به وڏو اثر آهي اهو به سندس مددگار آهي. ٻئي طرف پ پ پ جي اميدوارن جو به وڏو اثر آهي. سيد قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ جو به ووٽ گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن ضلعي ۾ به سخت ۽ دلچسپ مقابلو ٿيندو. لاڙڪاڻي جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان. عباسي خاندان به پ پ پ جي خلاف ميدان ۾ لهي چڪو آهي. دادو ضلعي ۾ به جتوئي خاندان جو پ پ پ سان مقابلو ٿيندو. سنڌ جي هر علائقي تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ، جتان پ پ پ هميشه کٽيندي رهي آهي. اتان ڪن سيٽن تان هارائي ويندي. ڄامشورو ، عمر ڪوٽ ، سانگهڙ ، ڪراچي ، حيدرآباد ، بدين وغيره ۾ ان کي ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو. هاڻ ، حالتون ڦرنديون پيون وڃن. انهن حالتن کي ڏسندي هر تڪ تي ڪالم ضرور لکندس ته جيئن عوام الناس کي ووٽن کان اڳ ۾ آگاهي ڏيئي سگهجي.
ڪن تڪن تي جي ڊي اي جي ڪمزور پوزيشن آهي. اتي پ پ پ جي کٽڻ جا چٽا ۽ صاف امڪان آهن ته ڪن هنڌن تي وري گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس مضبوط آهي. اتي پ پ پ ڪامياب ٿي نه ٿي سگهي. اهو ڇئي نه ٿو سگهجي ته ڪهڙي پارٽي اڪثريت سان کٽيندي. پر، اهو ضروري چئي سگهجي ٿو ته ، جي ڊي اي جا اميدوار به ڪافي هنڌن تي ڪامياب ٿيندا ۽ پ پ پ اميدوارن کي شڪست ڏيندا. ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي ته ، ڄاڻايل اتحاد ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪاميابي ماڻي سرخرو ٿيندو. ٻئي طرف جمعيت العلماءِ اسلام (ف) گروپ به هڪ ٻن سيٽن تي ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو. تنهن کان سواءِ مسلم ليگ (ن) جو سنڌ ۾ ته اثر ڪونه آهي. تنهن هوندي به ڪراچي ۾ اميدوار بيٺا آهن. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سان ، ان پارٽي جو الحاق ٿيو ته ، مسلم ليگ (ن) اتان ڪامياب ٿي سگهي ٿي. اهڙي طرح پاڪستان تحريڪ انصاف جا اميدوار به فارم ڀريا آهن ۽ هن ڊوڙ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. پر، سندن ڪاميابي ڏکئي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. شايد ڪا به پارٽي واضح اڪثريت سان نه کٽي سگهي. جنهن ڪري چونڊن کان پوءِ ، سنڌ ۾ ڪا گڏيل حڪومت ٺهي سگهي ٿي.
چوڻ جو مقصد ته اٺين فيبروري 2024 ع تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ اصل مقابلو پ پ پ ۽ جي ڊي اي جي وچ ۾ ٿيندو. پوءِ هار ۽ جيت ڪنهن جي حصي ۾ ٿي اچي اها اليڪشن کان پوءِ خبر پئجي ويندي. انهن ٻنهي جماعتن کان سواءِ ٻيون چند پارٽيون به ميدان ۾ لٿيون آهن ڏسجي ته انهن جو مقدر ڪهڙو ٿو ٿئي؟ اهو سڀ ڪجهه وقت اچڻ تي معلوم ٿي ويندو. هن وقت عوام مونجهاري جو شڪار آهي ۽ رڳو قياس آرائيون ڪري رهيو آهي.
چوڻ جو مقصد ته اٺين فيبروري 2024 ع تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ اصل مقابلو پ پ پ ۽ جي ڊي اي جي وچ ۾ ٿيندو. پوءِ هار ۽ جيت ڪنهن جي حصي ۾ ٿي اچي اها اليڪشن کان پوءِ خبر پئجي ويندي. انهن ٻنهي جماعتن کان سواءِ ٻيون چند پارٽيون به ميدان ۾ لٿيون آهن ڏسجي ته انهن جو مقدر ڪهڙو ٿو ٿئي؟ اهو سڀ ڪجهه وقت اچڻ تي معلوم ٿي ويندو. هن وقت عوام مونجهاري جو شڪار آهي ۽ رڳو قياس آرائيون ڪري رهيو آهي.