2024 مان ڪھڙيون اميدون رکي سگهجن ٿيون ؟ حقيقت ۾ جاگرافيائي سياست ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ٻڏتر جي ڪري دنيا ساڳئي غير مستحڪم حالت ۾ رهندي.
غزا ۽ يوڪرين جي جنگين ۽ چين آمريڪي تڪرارن جي ڪري عالمي منظرنامو وڌيڪ پيچيده ٿي ويو آهي. ڪيترن ئي بحرانن ۽ چئلينجز سبب پيدا ٿيندڙ رڪاوٽون مستقبل کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي رهيون آهن. ان کان سواءِ ھن غيريقيني صورتحال کي ايندڙ سال آمريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ عام چونڊون وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيون آهن.
گهڻ قطبي دنيا ڏانهن منتقلي ۾تھ تيزي ايندي، پر گهڻ رخا ادارا لڳاتاردٻاءُ هيٺ رهندا. عالمي سطح تي طاقت جي منتقلي بھ جاري رهندي، جڏهن ته وچٿري درجي جون طاقتون جاگرافيائي سياست کي ترتيب ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.
2024 جي جاگرافيائي سياست جا رجحان، رسڪ ۽ چئلينجز ۾ بي يقيني جي صورتحال هڪ حقيقت جيان رهندي.دي اڪنامسٽ جي ’ورلڊ آهيڊ 2024‘ جي رپورٽ ۾ تڪرارن ۽ جاگرافيائي سياسي جھيڙن ۾ واڌ ٿيندي.جنھن ۾ شدت جي ڪري ته “ملٽي پولر ڊس آرڊر“ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي. يقيني طور تي هلندڙ بحرانن جي ڪري دنيا ايندڙ سال وڌيڪ غير مستحڪم ۽ غير يقيني جو ئي شڪار رهندي.
لنڊن ۾ قائم رسڪ ڪنسلٽنسي فرم ڪنٽرول جو چوڻ آھي تھ ايندڙ سال "بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائڻ ۽ رڪاوٽن پيدا ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو”.جنھن سان رسڪ مينيجمينٽ اوور لوڊ ٿيندو، ٻيا ادارا بشمول ورلڊ اڪنامڪ فورم ‘گهڻن بحرانن جي دور’ ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن.
ايندڙ سال ۾ سڀ کان اهم اسٽريٽجڪ منظرنامو آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن جو رستو ھوندو. جيتوڻيڪ ٻنهي عالمي طاقتن هڪ غير منظم تڪرار جي خطرن جو ادراڪ ڪيو آهي ۽ تازو ئي ڪجھه مهينن ۾ پنهنجن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش بھ ڪئي آهي،پر جاگرافيائي مفادن جي تڪرارن،تائيوان سان واپار ۽ ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ تڪرار جي ڪري ٻنھي ملڪن جا لاڳاپا لاھين چاڙھين جو شڪار رھندا.
چين بابت واشنگٽن جي پاليسي بائيڊن انتظاميا جي قومي سلامتي واري حڪمت عملي مان چٽي ٿي چڪي آھي. جڏهن ته چين طرفان دٻاءُ سبب لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا ئي رهندا. ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ تڪرار وڌندو، فوجي مقابلي ۾ به تيزي ايندي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تائيوان خطرناڪ تڪرار ئي رھندو. جڏھن تھ ڪنٽرول رسڪس، ٻنهي ملڪن جي اندروني چئيلينجز کي نظر ۾ رکندي سمجھي ٿو تھ ٻنھي جي وچ ۾ لاڳاپا "في الحال پنھنجي جاءِ تي برقرار رهندا” .انھن اندروني چئلينجز ۾ اھم آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۽ چين جا معاشي مسئلا آھن.
بين الاقوامي ٿنڪ ٽينڪس ۽ بليڪ راڪ وانگر سيڙپڪاري جي صلاحڪار ڪمپنين جي اڪثر جائزن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پر ايشيا-پئسفڪ علائقو، جيڪو آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ تڪرار جو مرڪز آهي،ان بابت دنيا ٻنھي ملڪن ۾ امڪاني ٽڪراءُ جي حوالي سان فڪرمند آھي.
سال 2024 ۾ اوڀر ۽ اولھھ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ شدت ايندي.يوڪرين جنگ جاري رھندي ، پر شايد معاملا تعطل جو شڪار ٿي وڃن. جنگ جي خاتمي لاءِ سنجيده قدمن جي کوٽ جو مطلب اهو آهي ته اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري رکندي،جنھن سان عالمي معيشت ۽ سپلائي چينز بھ متاثر ٿيندي.
بهرحال، دنيا جو ڌيان هاڻي يوڪرين کان غزا ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي. ان تڪرار وچ اوڀر کي تشدد ۽ عدم استحڪام جي حالت ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، ڪجهه عرب ماهرن ان کي ‘فيصلائتو’ لمحو قرار ڏئي رھيا آهن.
ڏھاڪن تائين ردي جي ٽوڪري ۾ پيل فلسطين جو مسئلو هاڻي عالمي ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي. موجوده صورتحال سان ان ڳالهه جي به وضاحت ٿئي ٿي ته فلسطين جي مسئلي کي نظرانداز ڪري عرب ملڪن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ لاڳاپا قائم ڪرائڻ جي آمريڪي پاليسي ناقص ۽ غير پائيدار هئي. غزا ۾ جنگ جي ڪري ابراهيمي معاهدي جي حڪمت عملي هاڻي ختم ٿي چڪي آهي. 2024ع عرب حڪومتن ۽ عالمي طاقتن جي صلاحيتن کي چيلينج ڪندو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ فلسطيني مسئلي جو حل ڪيئن ڳولجي ۽ اسرائيل کي ٻه رياستي حل ڏانهن موٽڻ لاءِ ڪيئن دٻاءُ وڌو وڃي.
ورهاڱي جي شڪار واري ھن عالمي منظرنامي ۾ وچيون طاقتون جاگرافيائي سياست تي ڀرپور اثر وجھنديون. چين-آمريڪا جي ڇڪتاڻ ٻين ملڪن کي موقعو ڏنو آهي ته اھي ان دشمنيءَ مان فائدو وٺن ۽ پنهنجو آزاد رستو اختيار ڪن.سواءِ ان کان علاوه عالمي نظام جي جوڙجڪ ۾ تبديلين ۽ طاقت جي منتشر ٿيڻ، وچين طاقتن کي سفارتي سرگرمين ۽ اثر رسوخ پئدا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. جيئن جيئن اهي رجحان وڌندا، تيئن اهي وچين طاقتن کي موقعو فراهم ڪنديون ته اھي پنهنجي سودي بازي جي اھليت
بهتر بڻائي سگهن. ان سان ٻن وڏين عالمي طاقتون وڌيڪ سفارتي سيڙپ ڪري وچين طاقتن وارن ملڪن کي شامل ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون.
عالمي خطرن جي حوالي سان اڪثر جائزي موجب ايندڙ سال سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ چونڊن جا علائقائي ۽ عالمي سطح تي اهم اثر پوندا. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ چونڊون ٿينديون، جنھن ۾ 4 ارب کان وڌيڪ ماڻھون ووٽ جو حق استعمال ڪندا.
سڀ کان وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊون ثابت ٿينديون. جيڪڏهن اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ اقتدار ۾ واپس اچي ٿو ته ان جا دنيا لاءِ ڏور رس نتيجا نڪرندا. ڊونلڊ ٽرمپ مان اھا ئي توقع ڪئي پئي وڃي تھ هو پنهنجي پراڻي پرڏيهي پاليسي اختيار ڪندو. جيڪا هن پنهنجي دور ۾ اختيار ڪئي هئي. ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسي چين سان لاڳاپن، يوڪرين ۾ جنگ، اتحادين سان لاڳاپن ۽ ٻين خطن ۾ موسمياتي تبديلي بابت آمريڪي دعوائن کي متاثر ڪندي.
2024 ۾ اهم سوال اهو هوندو ته ڇا تازو سالن ۾ نظر ايندڙ جمهوري رجعت جو رجحان جاري رهندو يا رڪجندو؟. ڇاڪاڻ تھ سڄي دنيا ۾ جمهوري رياستن جي ورڇ ، اڻ سھپ۽ نقصانڪار سياست جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو،ان ڪري جمهوري پسماندگي ۾ اضافو ٿي رھيو آهي. انهن رياستن ۾ شهري آزاديءَ ۽ ميڊيا جي آزاديءَ ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ اختلاف راءِ جي حق کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو سڀ ڪجهه معاشي دٻاءُ ۽ وڌندڙ عوامي اميدن جي پسمنظر ۾ ٿي رهيو آهي.
جمهوري زوال جي عالمي لاڙن کي ڪيترن ئي عالمي ادارن پاران رڪارڊ ڪيو ويو آهي. مثال طور، اسٽاڪ هوم ۾ قائم انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار ڊيموڪريسي اينڊ اليڪٽورل اسسٽنس جي تازي گلوبل اسٽيٽ آف ڊيموڪريسي رپورٽ موجب ڪيترن ئي ملڪن ۾ جمهوريتون زوال پذير آهن. رپورٽ ۾ حساب لڳايو ويو آهي ته دنيا ۾ ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ آبادي، زوال پذير جمهوريتن، آمريت يا هائبرڊ حڪومتن ۾ گھاري رهي آھي.
جديد ٽيڪنالوجيءَ ذريعي پيدا ٿيندڙ ڪمزورين جو جواب ڏيڻ سال 2024 جو بنيادي چئلينج هوندو. هڪ ڊجيٽلائيز دنيا کي سائبر سيڪيورٽي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته سموري دنيا ۾ ان جا خطرا وڌي رهيا آهن. ڊيٽا چوري ۽ فراڊ، سائبر حملا، حساس نسسٽمز، پاور جا نيٽ ورڪ ۽ مالي منڊين تي حملن جي وڌندڙ خطرا گھڻا ٿي رھيا آهن. مصنوعي ذهانت، خاص ڪري ان جو فوجي استعمال به ڪيترن ئي خطرن کي جنم ڏئي رهيو آهي. ان باوجود اسان کي ان بابت بين الاقوامي سطح تي اھڙا قدم نظر نٿا اچن.جن جو مقصد نئين ٽيڪنالاجيز جي غير مستحڪم اثرن کي منھن ڏيڻ يا گهٽائڻ ھجي.
سال 2024ع ۾ ڪيترائي چيلنجز هوندا پر اهي چئلينجز اسان کي اهڙي دنيا ۾سامھون ايندا، جتي عالمي قيادت ۽ اتحاد ٻنهي جي کوٽ هوندي.