ٿرپارڪر ضلعو جيڪو سنڌ جي سڀ کان پُٺتي پيل ضلعن مان هڪ آهي،ٿر مڪمل طور ريگستاني علائقو آهي،جتي جي ماڻهن جو سفر گذر برساتن ۽ چوپائي تي آهي، ڪجھه سالن کان جيڪڏهن ڏسجي ته ٿر ۾ مندائتا مينهن گهٽ وسن ٿا،هي خطو گذريل ڏهاڪو سالن کان برساتون وقت سر نه پوڻ تي مشڪلاتن کي مُنهن ڏيندو ايندو رهيو آهي، 2011ع کان هيل 2024ع تائين ٿر ۾ وقتائتيون برساتون نه پوڻ ڪري مسلسل ڏُڪاري حالتون رهيون،جنهن سبب انسانن وڌيڪ تڪليفون برداشت ڪيون.
ٿر ۾ برساتون نه ٿيون پون،اڳ ۾ ته هر سال مئي جي شروعات کان مندائتا مينهن پوڻ شروع ٿيندا هئا،جنهن بعد هاري ٻنيون پوکڻ شروع ڪندا هئا،ايئن مئي،جون ۽ جولاءِ جا مهينا مڪمل وسڪاري طور ڳڻيا ويندا آهن،پر جيئن ڏٺو آهي ته 2018ع کان وٺي 2024ع تائين جيڪي وسڪارا آيا آهن،اُنهن ۾ برساتون جولاءِ جي آخري هفتي يا 15 آگسٽ بعد پونديون آهن،ڪافي وقتن تي برساتون 15 آگسٽ بعد پيون،ٿر کي چئن مهينن دوران 350 ملي ميٽر برسات جون چار برساتن جي ضرورت هوندي آهي، اُها برسات به 15-15 ڏينهن جي وقفي سان پوي،يعني 5 مئي تي هڪ برسات سُٺي پئجي وڃي،جنهن بعد هاري ٻنيون پوکن،اُنهيءَ کانپوءِ وري برسات گهٽ ۾ گهٽ مئي جي آخري هفتي ۾ پوي،ايئن 15-15 ڏينهن جي وقفي سان مئي،جون،جولاءِ ۽ آگسٽ تائين برساتن جي ضرورت پوي ٿي،اهڙي تسلسل سان وسڪارا ٿيڻ سان ئي ٿر جون زمينون مڪمل آباد ٿينديون آهن ۽ مارو ماڻهن جو فصل ڀلو لهندو آهي،پر هن وقت ڪجهھ سالن کان برساتن جا سلسلا اڳتي نڪري ويا آهن،هاڻي ته آگسٽ ڪنهن سال جولاءِ جي ويندي ويندي يا آگسٽ ۾ ڪا هڪ برسات پوندي آهي اُهو به مڪمل ٿر تي نه پوندي،ٿر جي ڪنهن حصي تي وڌيڪ ته ڪنهن تي گهٽ،وچولي يا هلڪي پوندي آهي،ڪجهھ علائقن تي اُها برسات ناهي پوندي،اُنهي کان اڳ ۾ جيئن ڏٺو آهي ته وسڪاري جي موسم ۾ جيڪا راجستان انڊيا واري پاسي کان برسات جو سلسلو ٿر ۾ داخلا ٿيندو هو،اُهو سلسلو سڄي ٿر تان وسندو سنڌ ڪراس ڪري وڃي اسلام آباد تائين پهچندو هو،پر هاڻي ڪجھه سالن کان اُهو سلسلو ختم ٿيندو پيو وڃي.
برسات به مڙئي علائقن تي ڪٿي هلڪي ته ڪٿي وڌيڪ پئي ختم ٿي ويندي آهي،مڪمل هڪ جيتري برسات ڪٿي ناهي پوندي،اهڙي نموني سان ٿر کي گهربل برسات نه ملڻ ڪري صورتحال تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي جنهن جا منفي اثرات سامهون اچي چُڪا آهن،جنهن جا مثال ايئن آهن ته گهربل برسات نه پوڻ ڪري ٿر مڪمل طور برساتي پاڻي تي آباد نه ٿو ٿئي،شروعاتي طور ٻنيون پوکڻ لاءِ هڪ برسات جي ضرورت هوندي آهي ته ايئن پوکيل اناج کي مڪمل پڇڻ تائين 15-15 ڏينهن جي وقفي سان بقايا ٽن وسڪارن جي ضرورت هوندي،پر هاڻي اُهو سلسلو گهٽجي وڃڻ ڪري ٿر ۾ فصل پوکڻ ۽ سُٺو اناج ٿيڻ گهٽجي رهيو آهي،اڳ ۾ هتان جا هاري جيڪي ٻنيون پوکيندا هئا اُنهن ۾ هر ٻنيءَ ۾ 2-2 سئو مڻ گوار ۽ ٻاجهر جو فصل ٿيندو هو،پر هاڻي اُهو فصل صفا گهٽي 20-20 مڻ تائين به مشڪل سان ٿئي ٿو.
ڪجهھ سالن کان ٿر ۾ ڇانهيان نه ٿا ٿين،اُنهن جون وليون به نه ٿيون لڳن،اڳ ۾ ڇانهيان تمام گهڻا ٿيندا هئا اُنهن کي ميڙي گڏ ڪرڻ لاءِ هاري هڪٻئي سان گڏٿي ڪم ڪندا هئا،ڇانهين جون ڪُريون (ٻِج)مڻ جي مُنهن ٿيندو هو،جنهن جو في مڻ 5 کان 7 هزارن ۾ وڪرو ٿيندو هو،هاڻي ڇانهين جو ٻج زمين ۾ اُڇلڻ جي باوجود اُهو ٿئي نه ٿو،ايئن ڪجهھ سالن کان ڏٺو ويو آهي ته ٿر ۾ ٿيندڙ ٻاجهر جو فصل به ڇانهين وانگر گهٽ ٿيندو پيو وڃي،گذريل ڪجھه سالن کان هاڻي سال 2022 ۽ 2024ع ۾ ڏٺو ويو آهي ته ٿر ۾ ٻاجهر جو فصل تمام گهٽ ٿئي رهيو آهي،گذريل سال هارين هڪ نه پر ٻه ٻه ڀيرا ٻاجهر جو فصل جي پوکائي مٿان پوکائي ڪرائي هئي پر وري به ٻاجهر جو فصل تمام گهٽ ٿيو آهي،ايئن گوار جو فصل به گهٽجي رهيو آهي،
اصل ڳالھه اِها آهي ته ٿر جي جيڪا زمين آهي اُها مڪمل بغير ڀاڻ يا ڪئميڪل جي ملاوٽ کان آجي ۽ نيچرل آهي،اُنهي زمين جي اندر قدرتي طور ڦُٽندڙ ٻوٽا آهن ۽ جيڪو فصل پوکبو آهي ته فصل لهڻ وقت به انهي جو ٻڄ زمين تي ڪرندو آهي،جانورن جي پوکي سان ٿيندو ايئن آهي جو اُٺ،گڏھ يا ڍڳي پويان زمين تي هلندڙ ”هر“ جيڪو زمين اندر معمول هلندو آهي ۽ اناج گڏ اُڇلڻ سان هيٺيان زمين اندر قدرتي طور موجود ٻوٽا بچي پوندا هئا،جانور پويان هڪ نارملي هر هلندو آهي جيڪو زمين اندر انچ جيترو لهندو مشڪل آهي،پر ٽريڪيٽر جي کيڙي سان ٽريڪٽر پويان ست ست گڏيل هر لڳل هوندا آهن ٽريڪيٽر جا لڳل هر ٿر جي نازڪ زمين کي مڪمل طور چيري ڇڏيندا آهن،ٽريڪٽر جو هر زمين اندر هيٺ ويهي وڃڻ ڪري زمين اندر موجود قدرتي ٻوٽا ختم ٿي ويندا آهن ۽ زمين پنهنجي طاقت ڇڏي ڏيندي آهي،ٻيو ته ٽريڪٽر تيزي سان هلندو آهي ۽ اُنهي جو هر زمين اندر هيٺ گهڻو وڃڻ ڪري اُڇليل ٻڃ به اڪثر ڪري ٻيڄارو مشڪل سان ڦُٽندو آهي،عام طور تي اِهو ثابت ٿي چُڪو آهي ته ٿر ۾ ٽريڪٽر جي کيڙي جا وڏا نقصان سامهون اچي چُڪا آهن،نيچر سان ٿيندڙ ڇيڙڇاڙ جا به نقصان ڏيندڙ اثرات سامهون اچي رهيا آهن،هن وقت ڪلائيمينٽ چئنج کي سڄي دنيا مُنهن ڏئي رهي آهي،ٿر ۾ ماحولياتي تبديلي کي رد نه ٿو ڪري سگهجي،جنهن لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ سان گڏ اسان ماحول دوست سرگرميون ڪرڻيون پونديون ۽ ماحولياتي گدلاڻ واري چئلنجز کي نظر ۾ رکڻو پوندو،ٿر ۾ ٿرڪول منصوبن جي لڳڻ سان اوپن پِٽ مائننگ سبب وڏي تعداد ۾ وڻن جي واڍي ٿي آهي،ٿر ۾ وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ واري مهم جو آغاز ڪرڻ سان گڏ اسان سمورن ماڻهن کي وڻڪاري طرف ڌيان ڏيڻو پوندو،وڌيڪ نه تڏهن به هر هڪ ماڻهو برساتن جي چئن مهينن دوران 2 يا 3 وڻ پوکي ته ماحول دوست بڻجي سگهجي ٿو،اُنهي لاءِ ڪم ڪرڻ جي وڌ کان وڌ ضرورت آهي،