نئين سال جو جشن، ڪراچي ۾ شديد هوائي فائرنگ، 29 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) نئين سال جي موقعي تي شهرين آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا ۽ ڪراچي پوليس چيف خادم رند جي سخت  حڪمن کي شهرين هوا ۾ اڏائي ڇڏيو. رات 12 وڳي شهر شديد فضائي فائرنگ ۽ آتشبازي جي آوازن سان گونجي ويو، شهر جي مختلف علائقن ۾ انڌي گوليون لڳڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 29 ڄڻا زخمي ٿي پيا، نوجوان موٽرسائيڪلن تي روڊن رستن تي نڪري آيا، سڄي ڪراچي ۾ هوائي فائرنگ جي صورتحال ڏٺي وئي، سڀ کان وڌيڪ هوائي فائرنگ شهرين پنهنجي گهرن جي ڇت تان ڪئي، نيو ڪراچي، سرجاني ٽائون، نارٿ ڪراچي، ڪٽي پهاڙي، پهاڙي گنج، گلشن مري، سچل، صفورا ڳوٺ، گلستان جوهر، شاهه فيصل، ملير، قائدآباد، ماڊل ڪالوني، ڪورنگي، لانڍي، ابراهيم حيدري، محمود آباد، چنيسر ڳوٺ، اعظم بستي، ڊفينس ويو، گوليمار، پاڪ ڪالوني، بنارس، اورنگي ٽائون، منگھو پير، بلديا ٽائون، سائيٽ سپر هاءِ وي، سائيٽ ايريا، ميٽرو ويل، شير شاهه، لياري، لياقت آباد، سولجر بازار ۽ ٻين علائقن ۾ شديد فائرنگ ڪئي وئي، هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن ۾ 40 ورهين جو نعمان پٽ نياز، عدنان پٽ عمر، رخسار، نعما ڌيءَ آصف، عورت عائشه زال عمران، 7 ورهين جو ٻار حسن، علي ولد عالم شامل آهن، مارجي ويلن ۾ يوسف، علي رضا ۽ شهزاد ولد مجيب 7 ورهين جو ٻارڙو صائم ۽ ٻيا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.