ڪراچي (م ڊ) عام چونڊن جي سلسلي ۾ سياسي جماعتن جي طرفان مڃيل اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو پيو وڃي، ٻئي پاسي ڪجهه سياسي جماعتون نوجوانن جي ڌيان هاصل ڪرڻ لاءِ نون چهرن کي به متعارف ڪرائي رهيون آهن، ڪي پي ڪي اسيمبلي جي 115 جنرل سيٽن جي لاءِ منظور ٿيل 3094 نامزدگي فارمن ۾ 101 عورتون به شامل آهن، ان سلسلي ۾ هڪ نالو سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو سامهون آهي اهو آهي 25 ورهين جي سويرا پرڪاش، جيڪا ڪي پي اسيمبلي جي سيٽ پي ڪي 25 بونير کان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي جنرل سيٽ تي چونڊ وڙهڻ وڃي رهي آهي، ڊاڪٽر سويرا پرڪاش جنرل سيٽ کانسواءِ صوبائي ۽ قومي جي اقليت سيٽن جي لاءِ به نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن، پنهنجي تڪ توڙي ڪي پي ڪي ۽ پاڪستان سميت عالمي سطح تي به هن اهميت حاصل ڪري ورتي آهي، ايبٽ آباد انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج کان گريجوئيٽ سويرا پرڪاش بونير ۾ پيپلزپارٽي جي عورتن جي شعبي ۾ جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي فائز آهي ۽ هن جو والد به پاڪستان پيپلزپارٽي سان تعلق رکي ٿو.