اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جا فيصلا سببن سميت جاري ڪري:فافن

اسلام آباد(م ڊ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (FAFN)غير معمولي انگ ۾   نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جا فيصلا جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ۽ چيو ويو آهي ته رٽرننگ آفيسر اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جا فيصلا جاري ڪن، اليڪشن ڪميشن قاعدن خلاف  نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ تي پنهنجا اختيار استعمال ڪري.اليڪشن جي نگراني ڪندڙ اداري فافن ريٽرننگ آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي خواهشمند اميدوارن جي وڏي انگ جا ڪاغذ رد ٿيڻ تي سببن جي بنياد تي فيصلا جاري ڪيا وڃن.فافن جو چوڻ آهي ته رٽرننگ آفيسر اميدوارن جا ڪاغذ رد ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪن، ڪاغذ رد ٿيڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ تفصيلي فيصلو جاري ڪرڻ ضروري آهي.فافن وڌيڪ چيو ته دستاويز رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ڪميشن پنهنجا اختيار استعمال ڪري، اهڙي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن لاڳاپيل آفيسر خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، اليڪشن ايڪٽ 2017 تحت آر اوز ڪاغذ رد،منظور ڪرڻ جا فيصلا جاري ڪرڻ جا پابند آهن،پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 2024ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي شرح 12.4 سيڪڙو، 2018ع جي چونڊن ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي شرح 10.4 سيڪڙو ۽ 2013ع ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي شرح 14.6 سيڪڙو هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.