ميرپور بٺورو ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني جي باهه، ڳوٺاڻن جو پيادل مارچ، ڌرڻو

ميرپور بٺورو (رپورٽ: امتياز علي سومرو) ميرپوربٺورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سوين ڳوٺاڻن جو ٽن ڪلوميٽر تائين پيادل مارچ ۽ ڌرڻو، ميرپوربٺورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌندڙ ڏوهي وارداتن ۽  ڊي سي آفيس سجاول جي ڪلارڪ سردار لنڊ کان ٿيندڙ ڦر واقعي ۾ ملوث ڏوهاري گرفتار نه ٿيڻ خلاف شاهنواز لنڊ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ شير خان لنڊ کان ميرپوربٺورو تائين ٽي ڪلوميٽر پيادل لانگ مارچ ڪري شهر ميرپوربٺورو جي مين بس اسٽاپ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين چيو ته نااهل ايس ايس پي سجاول ۽ ايس ايڇ اوز کي هٽائي امن امان کي بحال ڪيو وڃي، ميرپوربٺورو ۽ آس پاس جي علائقن ۾ چورين ڦرن جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن ليڪن پوليس پاران ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارروائي نه نٿي ڪئي وڃي جنهن ڪري روڊ رستا غير محفوظ بڻجي ويا آهن هتان جي عوام کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، پوليس جي نااهلي سبب ڪجھ ڏينھن اڳ ڊي سي آفيس سجاول جي ڪلارڪ سردار لنڊ ۽ ان جي دوست کان ٿيندڙ ڦر واقعي سميت علائقي جي ٻين ماڻهن کان ٿيندڙ ڦرن ۾ ملوث هڪ به ڏوهاري کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، بدامني تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.