بلوچ عليحدگي پسند سوال ڪرڻ تي گولي ٿا هڻن: نگران وزيراعظم

لاهور (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بلوچستان ۾ عليحدگي پسندن کان ڪو سوال ڪريو ته گولي هڻي ڇڏيندا آهن جيڪي سمجهندا آهن ته قتل جائز آهي ته اهي قانون ٺاهي وٺن، جنهن کي ڏسو اهو همدرد بڻيو پيو آهي. لاهور ۾ بزنس سهولت سينٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته احتجاج جي اوٽ ۾ دهشتگردن کي سپورٽ ڪندڙن کي قبول نه ڪنداسين، 9 مئي تي احتجاج ڪندڙن جو به اهو ئي ايشو هو هو قانون جي دائري مان ٻاهر اچي ويا هئا، مون کي خوشي ٿي ته پنجاب جي ماڻهن کي بلوچستان جي ماڻهن سان همردي آهي، هي عليحدگي پسند هزارين ماڻهن کي ماري چڪي آهن، هي ماڻهو دهشتگردي کي جدوجهد سمجهن ٿا، جن ماڻهن کي حمايت ڪرڻي آهي اهي هٿياربند تنظيمن جي ڪيمپ جوائن ڪن. بلوچستان ۾ بي ايل ايف  بي ايل اي  ۽ بي آر اي جهڙيون هٿياربند تنظيمون آهن. اهي هٿياربند تنظيمون پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ هٿياربند جدوجهد ۾ يقين رکن ٿيون. نه هي 71 آهي ۽ نه ئي بنگلاديش ٺهندو، هي ماڻهو ڀارت کان پيسا وٺي 80 کان 90 قتل ڪن ٿا، 98 سيڪڙو بلوچ پاڪستان سان گڏ آهن، هڪ ماحول ٺاهيو ويو اهي ته وزيراعظم بلوچستان جي ماڻهن جي ڳالهه نٿو ٻڌي، وڏي پڪائي ۽ نرڄائي سان ڳالهائڻ سان مسئلن جو حل نه نڪرندو، بلوچستان ۾ 90 هزار ماڻهو قتل ٿي ويا، 9 جوابدارن کي سزا نه ٿي، هٿياربند تنظيمون ملڪ ٽوڙڻ چاهين ٿيون، هي رياست ۽ هٿياربند تنظيمن وچ ۾ جهيڙو آهي. هن چيو ته جڏهن منصب تان لهندس ته پوءِ کليل نموني ڳالهائيندس، مون کي طعنا نه ڏيو ته بلوچ ياد رکندا، منهنجو بلوچن سان ٽن نسلن سان واسطو آهي، لاپتا ماڻهن جا وارث اڳ ئي احتجاج ڪري رهيا آهن، اڳتي به ڪندا، بلوچستان ۾ عليحدگي پسندن کان ڪو سوال ڪريو ته اهي گولي هڻي ڇڏيندا آهن. سندس چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙن سان پوليس جي چڪرين کي غزا سان ڳنڍيو پيو وڃي، اظهار جي آزادي سڀني جو حق آهي، سوشل ميڊيا تي پابندي نه هجڻ گهرجي، مان نگران وزيراعظم آهيان ته مان وڃڻ وارو آهيان، منهنجو مينڊيٽ ناهي ته سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيان، وزيراعظم بلوچستان مان آهي ته مون تي آڱريون اٿي رهيون آهن. هن ٻڌايو ته عالمي مالياتي اداري مان تڏهن جان ڇٽندي جڏهن اسان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪنداسين، وفاقي حڪومت ڪاروبار لاءِ سڀ سهولتون فراهم ڪندي، قرضن جي درست استعمال سان ئي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا، آءِ ايم ايف کان قسط جلد ملڻ جي اميد آهي. نگران وزيراعظم ٻڌايو ته سيڪيورٽي اسان جي لاءِ وڏو چئلينج آهي، دهشتگردي جي نئين لهر تي ضابطو آڻڻ لاءِ چونڊون ڪرائڻ چاهيون ٿا، مان 8 فيبروري تي ووٽ وجهڻ ويندس، اليڪشن ٿيندي ۽ ان کي پرامن بڻايو ويندو، ملڪي سيڪيورٽي اهم ايشو آهي، ڪالهه مولانا فضل الرحمان تي حملو ٿيو، شڪر آهي هو اتي نه هو. بلوچستان ۾ BLF، BLA، BRA جهڙيون هٿياربند تنظيمون آهن. اهي هٿياربند تنظيمون پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ هٿياربند جدوجهد ۾ يقين رکن ٿيون. جيڪڏهن تون مون کان سوال پڇڻ کان پوءِ اتي ويندين ته توکي به گوليون هنيون وينديون. اهي عملي طور تي ان جو اظهار ڪندا رهيا آهن ۽ ٽن کان پنج هزار ماڻهن کي قتل ڪري چڪا آهن. دهشتگردن جو ڪو حامي سندن حمايت ۾ ڪالم لکي رهيو آهي ته ڪو ڪجهه شيءُ واپس ڪري رهيو آهي. هن عدالتي نظام کي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي يا واپڊا کي ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.