اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي رياض سهيل ٽوئيٽر تي ڪتاب پڙهندڙ هڪ بلوچ ٻارڙي جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اها انيسا بلوچ آهي، جنهن سان اسلام آباد ۾ احتجاجي ڪئمپ ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.سمي دين بلوچ ياد ڏياريو ته هي علي حيدر بلوچ جي ڀيڻ آهي، جڏهن 2013ع ۾ ماما قدير مارچ ڪيو هو، ان وقت حيدر به ساڻس گڏ هو، سندس والد رمضان گم آهي، بعد ۾ ڪجهه عرصي لاءِ حيدر جي جبري گمشدگي عمل ۾ آئي هئي، هاڻي احتجاج جي ذميواري انيسه وٽ آهي، ماه رنگ ۽ سمي جي نقش قدم تي وڌڻو آهي ۽ وڙهڻو به آهي.