ڳجها ادارا نٿا چاهين ته اسان اسيمبلين ۾ پهچي لاپتا ماڻهن جو مسئلو اٿاريون:اختر مينگل

ڪوئيٽا(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا ته اسان ٽربيونلز ۽ عدالت ۾ وينداسين.2018ع جي اليڪشن فيض آبادي  ۽ 2024ع جي اليڪشن فيصل آبادي هوندي.عوام کي پرامن جمهوري عمل ذريعي پنهنجا من پسند نمائندا چونڊڻ جو حق ڏنو وڃي، اقامي جي لسٽ ڊگهي آهي، ڪجهه ڏٺا ويندا ۽ ڪجهه نه ڏٺا ويندا،هن چيو ته  ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل کان وٺي سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين، نامزدگي جو مسئلو حل نه ٿيو ته پوءِ عوام وٽ ويندا،بلوچستان نيشنل پارٽي جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن، بلوچستان ۾ مصنوعي قيادت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بلوچستان جي حقيقي سياسي ۽ جمهوري قوتن کي نظرانداز جو فيصلو غلط آهي.سرياب ۾ رياستي ادارن جا آفيسر گھر گھر گھڙي عوام کان پڇن ٿا ته ڪھڙي پارٽي کي ووٽ ڏئي رھيا آھيو، هن چيو ته جيڪي سوچين پيا  ته اسان خاموش رھنداسين انهن جو خواب پورو نه ٿيندو،جنرل فيض جي باقيات کي ٻيهر اقتدار ۾ آڻڻ جو خواب پورو نه ٿيندو،ملڪي سياسي جماعتن کي بلوچستان سان ڪو لڳاءُ ناهي، هڪ لاهور جون سيٽون بلوچستان کان وڌيڪ آهن، هن چيو ته گذريل پنج سال دوران قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي فلور تي بلوچستان جي حقن، لاپتا ماڻهن جي بازيابي،سائل وسائل سميت اهم اشوز تي اسان ڀرپور آواز اٿاريو جيڪو اسان جي ادارن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي،ان ڪري هن ڀيري پهرين کان اهو طئي ڪيو ويو هو ته بي اين پي جي اميدوارن جي ڪاغذن کي رد ڪرڻو آهي، ان ڪري انهن اهو کيل کيڏيو، هن چيو ته رياستي ڳجها ادارا نٿا چاهين ته بي اين پي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ وڃي لاپتا ماڻهن جو مسئلو اٿاري، ان ڪري انهن جي ڪوشش آهي ته اسان کي اليڪشن جي راند کان ٻاهر ڪيو وڃي، پر اسان عوام جي عدالت ۾ ضرور وينداسين،هن چيو ته بلوچ نوجوان پهاڙن تي ڇو ويا؟ نواب اڪبر بگٽي کي 85 سالن جي عمر ۾ جڏهن هن جي گهر تي حملو ڪيو ويو ته پوءِ هن مجبور تي پهاڙن جو رخ ڪيو، اسان کي اڄ به مشرف جي اها ڌمڪي ياد آهي ته اسان انهن کي اهڙي جاءِ تان هٽ ڪنداسين ته انهن کي خبر به نه پوندي، اسان کي ته خبر پئجي وئي پر حڪمرانن کي اڃا هوش ناهي ته انهن ان بيان کانپوءِ ڪيترو نقصان کنيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.