هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف قتل ۽ دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيندو: خادم رند

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي پوليس چيف خادم حسين عوام کي خبردار ڪيو آهي ته نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف قتل، قتل جي ڪوشش ۽ دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڪراچي پوليس چيف جو چوڻ هو ته نئين سال جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام مڪمل  آهن، ماضي ۾ به هوائي فائرنگ سبب ڪيترائي زخمي ۽ فوت ٿي چڪا آهن. ڪراچي پوليس جي سربراهه چيو ته مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سختي سان ڪارروائي ڪنداسين، جيڪو به پڪڙيو ويندو ان تي ڪيس داخل ڪري جيل ڀيڙو ڪنداسين، جيڪڏهن ڪو مري ويو ته قتل ۽ دهشتگردي جا قلم به لڳائينداسين. هوڏانهن ٽريفڪ پوليس نئين سال جي موقعي تي تفريحي هنڌن تي وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ترجمان موجب شهري ڊفينس وڃڻ لاءِ متبادل رستو استعمال ڪن، ڊفينس جي رهواسين لاءِ اصل شناختي ڪارڊ کڻي وڃڻ لازمي آهي، ٻئي پاسي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ کان پاسو ڪن.  ڪامران ٽيسوري چيو ته شهري نئون سال قانون جي دائري ۾ رهي ملهائين، پوليس هٿيارن جي نمائش ۽ هوائي فائرنگ تي قانون موجب ڪارروائي ڪندي. گورنر سنڌ چيو ته هوائي فائرنگ سبب قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.