ڇا چونڊن جي تاريخ تبديل ٿيندي؟

سڪندر چنو

چونڊن ۾ باقي هڪ مهينو وڃي بچيو آهي ۽ اهو هڪ مهينو به اميدوار جنهن کي جوڳي به سڏيو وڃي ٿو اهو پنهنجي خوبصورت آواز ڪڍندڙ مرليءَ وسيلي عوام جنهن کي نانگ جو درجو ڏنو وڃي ٿو کي جاڳائيندو ۽ مرلي وسيلي انهن کي نچائيندو ۽ ڪڏائيندو آهي. هونءَ به سياستدان جوڳي آهي ۽ عوام ڪاريهر نانگ آهي. سياستدان جي سريلي آوازن سان ٽمٽار مرلي وسيلي اليڪشن ۾ عوام کي جاڳائيندو آهي ۽ نچائيندو آهي پوءِ ڪي ارڏا ۽ ڪي بي پيريا نانگ هوندا آهن جيڪي پنهنجي واسطي واري سياسي جوڳيءَ کي به نه سڃاڻيندا آهن ۽ ان جي آواز وسيلي وڄندڙ مرليءَ جي آواز ۾ به قبضي ۾ نه ايندا آهن.

بهرحال هن وقت نه صرف ملڪي معيشت پر ملڪي سياسي صورتحال انتهائي اونهي کڏ ۾ ڪريل نظر اچي ٿي. ورلڊ بئنڪ به پاڪستان جي معيشت لاءِ تمام خراب رپورٽ جاري ڪري چڪي آهي. هن وقت نه ملڪ معاشي طور تبديل آهي ۽ نه وري سياسي طور. جيڪڏهن سياسي طور ڪو سڪون ڏيندڙ ماحول هجي ها تڏهن به بهتر. جنرل ضيا الحق به 90 ڏينهن جو اقتدار عوام کي منتقل ڪرڻ واري واعدي تان ڦري ويو هيو جنرل ضيا به ٻه ڀيرا اليڪشن ٿيڻ ۽ تاريخن جو اعلان ڪيو پر انهن تاريخن تي چونڊون نه ٿيون. ۽ تاريخون تبديل ڪندو رهيو. اميدوارن ڪاغذ جمع به ڪرايا. جاچ پڙتال به ٿي ويئي، نشان به الاٽ ٿي ويا هئا. پر اها اليڪشن ملتوي ڪئي ويئي. ڇاڪاڻ ته ان کي خوف ٿي رهيو هيو ته ڪٿي ذوالفقار علي ڀٽو اليڪشن ۾ ڪامياب نه ٿي وڃي. ان کي اهيو به خوف هيو ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ سندس ۽ جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندو.

بهرحال ضيا الحق اليڪشن ان ڪري به ملتوي ڪرائيندو رهيو ته جيئن سندس مرضيءَ جا نتيجا اچن ۽ ضيا هرو ڀرو پنهنجو پاڻ کي ڪامياب ڪرائڻ پئي چاهي. جڏهن ته عوامي مقبوليت وڃائي چڪو هيو. عوام ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي مقبوليت ۾ ٽاپ تي هئي جنهن جون پاڙون غريب عوام ۾ کتل هيون. پر جنرل ضيا پي پي کي ليول پلينگ فيلڊ نه پيو ڏيئي. نيٺ آمر جنرل ضيا 90 ڏينهن جي وائدي کان هٽي ڪري 11 سال ملڪ تي مارشل لا وسيلي حڪومت ڪئي.

ان کان محترمه بينظير ڀٽو جا جنرل پرويز مشرف سان جڏهن معاملا طئه ٿيا ۽ پاڪستان واپس آئي ته محترمه بينظير ڀٽو آمريڪي رسالي کي انٽرويو ڏيندي اهو ضرور چيو هيو ته سندس مخالف نواز شريف کي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ ان ئي راضي ڪيو آهي. ۽ ٻنهي پارٽين کي هڪ جيترو ليول پلينگ فيلڊ به ڏنو ويو ۽ اها ڳالهه بلڪل صحيح به هئي. پرويز مشرف حڪومت جنوري 2007 ۾ اليڪشن جو اعلان ڪيو ۽ 2002 جي اليڪشن جيان بهتر نموني مينيج ڪرڻ جي وڏي ڪوشش به ڪئي هئي ان اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف سميت متحده مجلس عمل ۽ ٻين ننڍين ننڍين پارٽين به چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو هيو. البته مولانا فضل الرحمٰن، ايم ايم اي کان عليحدگي اختيار ڪندي چونڊ ميدان ۾ لٿو. ان وقت ايم ايم اي جو اليڪشن وارو نشان ڪتاب هيو وري جڏهن نواز شريف پاڪستان پهتو ته قاضي حسين احمد ۽ عمران خان ساڻس الڳ الڳ رابطو ڪيو ۽ نواز شريف کي اليڪشن بائيڪاٽ ڪرڻ تي اڪسايو ۽ نواز شريف کي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي راضي ڪيو. انهن جو موقف هيو ته پرويز مشرف 50 کان وڌيڪ ججن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائيندي LFO تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ ڪڏهن به سياسي استحڪام نه ايندو. نواز شريف سان عمران خان ۽ قاضي حسين احمد ملاقات دوران اهيو موقف به رکيو هيو ته جيڪڏهن سڀ سياسي جماعتون هڪ آواز ٿي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ته پرويز مشرف کي مٿان دٻاءُ پوندو ۽ ائين پرويز مشرف کي به گهر ڀيڙو ڪري سگهجي ٿو. وقت پي پي کان سواءِ  باقي سڀني جماعتن اعلان ڪيو ته اسين بلڪل ائين ڪنداسين ۽ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.

نواز شريف به اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ورتو. ان وقت هڪ ڀيرو ٻيهر سياست جي سلجهيل رانديگرياڻي محترمه بينظير ڀٽو سول آمر نواز شريف سان رابطو ڪيو ۽ نواز شريف سان ملاقات ڪندي نواز شريف کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو ته جيڪڏهن اسين اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪنداسين ته پوءِ آمر پرويز مشرف کي جواز ملي ويندو پنهنجي مرضيءَ جي هڪ طرفي اليڪشن جا نتيجا ظاهر ڪندو ان لاءِ پرويز مشرف جي حامين کي اسيمبلن ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ بهتر آ ته سڀ گڏجي پنهنجي پنهنجي پارٽي نشانن تي اليڪشن وڙهون. ۽ پرويز مشرف جي رٿيل ڌانڌلين کي بي نقاب ڪيو وڃي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته جيڪڏهن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت نه ٿئي ها ته اڄ ملڪ جو سياسي پس منظر نامون گهڻو تبديل ٿيل هجي ها.

ملڪ معاشي پاڙيسري ملڪن سان مقابلي ۾ لٿل هجي ۽ پاڪستان اڄ G-7 جو ميمبر به هجي ها. پر پاڪستان جي دشمن قوتن پاڪستان کي هڪ طوفاني ڪن ۾ ڦاسائي ڇڏيو ۽ پرويز مشرف جو هڪ ڀيرو ٻيهر خيال هيو ته سندس مرضي جي اليڪشن ڪرائي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مرضيءَ جي اسيمبلي چونڊرائي وڃي. ظاهر آ جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته پوءِ 2008 کان پوءِ ملڪ گير حڪومت خلاف تحريڪون ۽ مظاهرا شروع ٿي وڃن ها. پر پرويز مشرف جا سڀ ارادا خاڪ ۾ ملي ويا. شهيد راڻي جي شهادت کان پوءِ آصف علي زرداري وڏي سياسي فراخدلي جو مظاهرو ڪندي “پاڪستان گهرجي” جو نعرو هنيو. جيڪڏهن اهڙو نعرو نه هڻي ها ته اڄ ملڪ جون حالتون اڃان ڪنهن ٻئي هنڌ بيٺل هجن ها. ان سموري پسمنظر ۾ تحريڪ انصاف اڄ ان ڪوشش ۾ آهي ته چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هن وقت پوري پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿي چڪا آهن. ڪٿي به تحريڪ انصاف جي اميدوار نامزدگي ڪاغذن بحال نه ٿيو آهي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ جي ڊي اي جي ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا فيملي جا نامزدگي ڪاغذ به رد ٿي ويا آهن.

هن وقت صرف ن ليگ کي ليول پلينگ فيلڊ ڏني پئي وڃي. پاڪستان جي وڏي پارٽي پي پي پي کي به ليول پيلنگ فيلڊ ميمبر ناهي ته پوءِ به وري ساڳيو سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته هن اليڪشن کان بهتر ائين نه هيو ته ن ليگ کي حڪومت ڏني وڃي ها ۽ نواز شريف کي ٻانهن کان پڪڙي وزارت اعظيٰ واري ڪرسي تي ويهاريو وڃي ها؟ مزي جي ڳالهه اهيا آهي ته ن ليگ اهيو الزام به هڻي رهي آهي ته پنجاب ۾ ڪجهه آفيسر اهڙا آهن جيڪي پي پي جا حمايتي آهي. کل جهڙي ڳالهه اها آهي ته پنجاب ۾ نگران حڪومت ۾ شامل وزير صلاحڪار ڪنهن جي ماتحت آهن؟ ڇا انهن آفيسرن ۾ ن ليگ جا آفيسر شامل ناهن؟ هن وقت پاڪستان جو سياسي تماشو نه صرف پاڪستان جو عوام پر دنيا ڏسي رهي آهي ته سياسي ميدان ن ليگ کي خالي ڪري ڏنو پيو وڃي. پر عوام جو رد عمل ڪجهه ٻيو آهي. تازو ن ليگ جي اميدوارن سان جيڪا عوام حالت ڪئي آهي اها دنيا ڏسي تعجب حاصل ڪري رهي آهي. اڃان اليڪشن مهم شروع ئي ڪونه ٿي آهي اليڪشن کان اڳ ئي ن ليگ اميدوارن جا مٿا عوام رتو رت ڪري ڇڏيا آهن ته پوءِ ن ليگ اميدوار سياسي ميدان ۾ عوام کان ووٽ ڪئين گهرندا؟ ملڪ جي تاريخ ۾ جيڪڏهن اليڪشن ڌانڌلين تي نظر ڦيرائجي ته خبر پوندي ته 1977 ۾ وڏي ڌانڌلي ڪئي ويئي.

1988 ۾ جڏهن نواز شريف وزيراعليٰ پنجاب بڻيو ته ان وقت آءِ جي آءِ ڪيئن ٺهي؟ ۽ اهو آءِ جي آءِ، اتحاد آءِ ايس آءِ  چيف (ر) جنرل حميد گل ٺاهيو. ان کان سواءِ 1990 ۾ نواز شريف ملڪ جو پهريون وزيراعظم بڻيو اهو به ڌانڌليءَ وسيلي. 1997 ۾ پي پي قيادت جي آصف زرداري کي گورنر هائوس لاهور مان گرفتار ڪيو ويو ۽ هاڻي به ساڳيو طريقيڪار اختيار ڪيو پيو وڃي. ٿيڻ ائين گهرجي ته جيڪي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ گهرجي. باقي تحريڪ انصاف کي به سياسي ليول پلينگ فيلڊ ميسر ڪري ڏني وڃي ته جيئن اليڪشن ۾ مقابلو ڪري سگهي. هن وقت تحريڪ انصاف سان ائين ئي سلوڪ ٿي رهيو آهي جيئن ڪنهن مقابلي ۾ باڪسر کي ان جا هٿ ٻڌي ميدان ۾ لاٿو وڃي پوءِ اهو باڪسر ڪيئن ميدان ۾ مقابلو ڪري سگهندو؟ جنهن جا هٿ ئي ٻڌل هجن؟ ذريعا اهو به ٻڌائن پيا ته جنوري ۾ اهڙو نه ڏنڍو ڦرندو جو سياسي ميدان خالي هوندو ڪوبه رانديگر مقابلي لاءِ پري پري تائين ظاهر به ڪونه هوندو. هن ڀيري اليڪشن بوٿ جو به قانون تبديل ڪيو پيو وڃي ووٽ ڏيڻ جو وقت ختم ٿيندي ئي من پسند رپورٽ نه ڏني ويندي ۽ هڪ ئي فارم تي سڀني ايجنٽن جي صحيحون نه هونديون تيستائين اها رزلٽ قابل قبول نه هوندي. پراڻو طريقيڪار لاڳو ڪيو ويندو يعني صرف پرزائيڊنگ آفيسر جي صحيح قابل قبول هوندي. مختلف پارٽين جي ايجنٽن جي ڪابه اهميت نه هوندي. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته پوءِ اليڪشن جي آڙ ۾ پنهنجي مرضيءَ جا نتيجا ٽي وي اسڪرين تي اچڻ شروع ٿي ويندا. ۽ نشان صرف شينهن جو ڏسڻ ۾ ايندو. اليڪشن ٿيڻ کان پوءِ جيڪي صورتحال بيهندي اها ڏسڻ وٽان هوندي ۽ دنيا پاڪستان جو تماشو پاڻ ڏسندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.